جماعت اسلامي پاران وزيرن ۽ مشيرن جي پگهارن ۾ 188سيڪڙو واڌ جي مذمت

 ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ فارم47 جي جعلي حڪومت پاران اسيمبلي ميمبرنکان پوءِ صدارتي آرڊيننس ذريعي وزيرن مشيرن جي فوج ظفر موج جي پگهارن ۾ پڻ 188فيصد اضافي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو فيصلو بُک، بدحالي، بدترين مهانگائي ۽ آءِ ايم ايف سميت عالمي مالياتي ادارن جي قرضن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل غريب ملڪ جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. هڪ پاسي حڪومت قومي خزانو خالي هجڻ جو چئي ڪري ٻاهرين ملڪن کان قرض جي خيرات گهري پئي ته ٻي طرف وري ساڳيو پئسو پنهنجي من پسند وزيرن ۽ مشيرن تي خرچ ڪري رهي آهي جيڪا ڳالهه ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته  اشرافيه ملڪ کي اڏوهي وانگي کائي رهي آهي عوام کي صحت، تعليم، روزگار سميت سهولتون فراهم ۽ مهانگائي کان نجات ڏيڻ لاءِ هنن وٽ ڪوبه منصوبو ڪونهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.