پني عاقل ۾ ڏيڍ ارب جو سولر ٽيوب ويل منصوبو 3 ارب رپين ۾ مڪمل ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي  (رپورٽ: ناصر خٽڪ) پنوعاقل ۾ 2016 دوران ڏيڍ ارب رپين ۾ منظور ٿيل سولر ٽيوب ويل پراجيڪٽ 2018 دوران 3 ارب رپين ۾ مڪمل ڪرڻ جو انڪشاف، هن وقت 101 ٽيوب ويلن مان اٽڪل 50 ٽيوب ويل غيرفعال بڻيل. سنڌ حڪومت جي فنانس کاتي پاران ايس اين اي جي منظوري نه ڏيڻ ۽ عملو ۽ چوڪيدار مقرر نه ٿيڻ سبب سولر پليٽون ۽ ٽيوب ويلن جا پينل باڪس چوري ٿيڻ سبب ڪروڙين جو نقصان ٿي ويو. تفصيل موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي 2016 ۾ پنوعاقل لاءِ سم ختم ڪرڻ ۽ مٺي پاڻي لاءِ ڏيڍ ارب ماليت جا 101 سولر ٽيوب ويل منظور ڪيا هئا جيڪي 2 سالن دوران 3 ارب جي لاڳت سان مڪمل ٿيا. ٽيوب ويل ڊويزن جي نااهلي ۽ بدانتطامي سبب پراجيڪٽ تحت لڳايل 101 ٽيوب ويلن مان 50 مڪمل طور تي ناڪارا بڻجي ويا آهن. سنڌ جي ناڻي کاتي پاران ايس اين اي منظور نه ٿيڻ سبب ٽيوب ويل تي عملو ۽ چوڪيدار مقرر ٿي سگهيا نه وري آپريٽر مقرر نه ٿيا جنهن سبب ڪيترن ئي ٽيوب ويلن تان سولر پليٽون پڻ چوري ٿي ويون آهن. آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي لاپرواهي سبب 3 اربن جو پراجيڪٽ عوام لاءِ بي لاڀ بڻجي ويو آهي. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته سولر ٽيوب ويل جي پراجيڪٽ ۾ ڪامورن وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ جاچ پڻ هلندڙ آهي.

گهوٽڪي ۽ پني عاقل ۾ 800 ٽيوب ويل ناڪارا، ملازمن جون پگهارون هلندڙ

پنو عاقل: عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو ته 1991ع ۽ 1992ع مٺي پاڻي لاءِ لڳل ٽيوب ويل  آبادگارن کي لاڀ نه ڏئي سگهيا. گهوٽڪي توڙي پنوعاقل ۾ اٽڪل 12 سئو ٽيوب ويلن مان 800 مڪمل طور تي ختم ٿي ويا پر ٽيوب ويلن لاءِ مقرر ڪيل ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. ٽيوب ويل ڊويزن گهوٽڪي ۽ پنوعاقل جي انتظام هيٺ لڳايل 12 سئو ٽيوب ويلن مان 800 مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن. بدانتظامي سبب مشينون توڙي ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آهن، ٽيوب ويل ختم ٿي وڃڻ سبب ڪيترائي علائقا سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويا، زرعي زمينون خراب ٿيڻ لڳيون. ضلعي گهوٽڪي ۾ سوين ٽيوب ويل مڪمل طور تي ختم ٿي وڃڻ سبب زرعي زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن جنهن سبب مختلف فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، رهائشي علائقن ۾ پڻ سم ۽ ڪلر ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن سبب گهرن کي نقصان ٿي رهيو آهي.

مهانگائي سبب منصوبي جي بجيٽ وڌي وئي هئي: ڊائريڪٽر سيڊا

پنو عاقل: عوامي آواز پاران مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا پريتم داس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال ڪٽي ڇڏي. ٻئي پاسي عوامي آواز  کي ڊائريڪٽر سيڊا انجنيئر شبير ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  پنوعاقل ۾ ڪجهه سولر ٽيوب ويل سولر پليٽون ۽ پينل باڪس جي چوري ٿيڻ سبب واقعي بند آهن، ناڻي کاتي سنڌ حڪومت پاران ايس اين اي جي منظور نه ڪرڻ سبب نه ئي عملو مقرر ٿيو ۽ نه ئي وري چوڪيدار جنهن سبب سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊائريڪٽر سيڊا شبير ڀٽو چيو ته شيون مهانگيون ٿيڻ سبب ٽيوب ويل منصوبي جي بجيٽ وڌي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.