ماهه رنگ بلوچ سميت 7 اڳواڻن جي گرفتاري جا حڪم واپس نه ٿيا

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان حڪومت ماهه رنگ بلوچ سميت 7 ڄڻن کان علاوه ٻين سڀني ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا، بلوچستان حڪومت جي گهرو کاتي ڊاڪٽر مهرنگ بلوچ سميت گرفتار ڪيل ستن ماڻهن کانسواءِ سڀني جي خلاف ٿري ايم پي او تحت گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا آهن، اها ڳالهه ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ ٻين گرفتار ٿيل ماڻهن جي وڪيلن بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ انهن جي گرفتاري خلاف درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي، درخواستن جي ٻڌڻي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جيڊويزن بينچ ڪئي، جنهن ۾ وقتي چيف جسٽس اعجاز سواتي ۽ جسٽس عامر رانا شامل هئا، درخواستگذارن جي نمائندگي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ايڊووڪيٽ، ساجد ترين ايڊووڪيٽ، عمران بلوچ ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا وڪيل ڪري رهيا هئا، حڪومت جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،ٻڌڻي کان پوءِ ايڊووڪيٽ ساجد ترين چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت ڊاڪٽر ماهه رنگ سميت ستن ماڻهن جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري جو دفاع ڪندي، جڏهن ته ٻين سڀني جي خلاف گرفتاري وارنٽ واپس ورتا ويا آهن، حڪومت بي واءِ سي ۽ بي اين پي جي 150 ڪارڪنن جا گرفتاري وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.