اسلام آباد(پ ر)صدرِ مملڪت آصف علي زرداري سان ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ملاقاتڪئي. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صدرِ مملڪت آصف علي زرداري کي سنڌ جي مختلف ترقياتي رٿائن، خاص طور ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل هلندڙ منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جون سموريون رٿائون جديد ٽيڪنالاجي تحت مڪمل ڪيون وڃن.هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پنڪ بس جي طرز تي "پنڪ ٽيڪسي” ۽ "پنڪ اسڪوٽي” جهڙن منصوبن جو تعداد وڌايو وڃي.صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، ۽ اهڙا منصوبا نه رڳو سهولتن جي فراهمي جو ذريعو آهن، پر عورتن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ به هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا.