ڀارت کي پاڪستان جي غير جذباتي موقف مان سکڻ گهرجي

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بي جي پي جي انتها پسند حڪومت جي انتهاپسند وزيراعظم نريند موديءَ جي انتهاپسند ۽ غير ذميوار پاليسين ڀارت کي به انتهاپسند ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ماضيءَ  ۾ ڀارت جو هن خطي ۾ جمهوريت سيڪيولر ۽ روشن خيال پاليسين سبب ساکائتي حيثيت هوندي هئي جيڪا مودي جي وزارت اعظميٰ ۾ خاڪ ۾ ملي وئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي حڪومت جي ساک ملڪي عوام لاءِ ڀلي جيڪا به هجي پر ڀارت جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي ڪافي وقت کان امن، برداشت ۽ سهڪار واري رهي آهي.

 پاڪستان گذريل 20 سالن ۾ ڀارت سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ سهڪاري پاليسي اختيار ڪئي آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي ٻنهي ملڪن جو عوام به اهو ئي چاهي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي ڀارت جي مودي سرڪار وري پاڪستان ڏانهن  سخت کان سخت پاليسي اختيار ڪيون ويٺو آهي. جيڪو رويو ٻنهي ملڪن جي بهترين ۽ سازگار لاڳاپن ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي جنهن جي ذميوار صرف ۽ صرف بي جي پي جي انتهاپسند حڪومت جو انتها پسند وزيراعظم نريندر مودي آهي.

 جڏهن ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ضايع نه ڪيو آهي.عمران خان جي حڪومت ۾ سک ياترين لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽر سندهو جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان سرحد کولي ڇڏي هئي. ايئن پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير بڻيو هو ته ڀارت ۾ ٿيل سارڪ ڪانفرنس ۾ هليو ويو هو. ٻئي پاسي ڀارت ڪافي ورهين کان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ڏانهن موڪلڻ جو انڪاري رهيو آهي پر پاڪستان جي حڪومت ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي موڪليو هو. پر هن سال پاڪستان ۾ جڏهن چيمپينز ٽرافي ٿي جنهن ۾ دنيا جون سڀ ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ آيون ته تڏهن به ڀارتي حڪومت پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي موڪلڻ جي اجازت نه ڏني. ان جو خراب نتيجو نيٺ اهو نڪتو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊ به رد عمل ۾ آءِ سي سي کي ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي پاڪستاني ٽيم به ڀارت کيڏڻ نه ويندي. مطلب ته مودي سرڪار پاڪستان سان سٺن لاڳاپن لاءِ ڪڏهن به ڪا ڪوشش ناهي ڪئي صرف ۽ صرف لاڳاپا خراب کان خراب ئي ڪري رهي آهي.

 جڏهن ته ڏسجي ته پاڪ ڀارت لاڳاپا ورهاڱي کان ئي ڪشمير جي اشو تي جنگي نوعيت جا رهيا اهن ان باوجود هر قسم جا حڪومتي، سياسي ۽ سفارتي، واپاري ثقافتي ۽ فني لاڳاپا برقرار رهندا آيا ها. ڀارت ۽ پاڪستان جون ڪرڪيٽ ٽيمون هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن سيريزون کيڏڻ لاءِ اينديون وينديون هيون پر مودي سرڪار جي حڪومت ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا جيڏا خراب ٿيا آهن اوهڙا ڪڏهن به نه ٿيا آهن ۽ ان جو ذميوار وزيراعظم نريندر مودي آهي.اهو مودي ئي آهي جنهن ڪشمير جي پهلگام ۾ ٿيل دهشت گردي جي واقعي جو بهانو بڻائي ان جو پاڪستان تي الزام لڳائي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ سميت ڪيترائي سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.

 جڏهن ته پاڪستان جو ان معاملي تي غير جذباتي قسم جو ۽ درست موقف آهي ته ڀارت  ان الزام جا پهريون ثبوت ڏي. جيڪڏهن پاڪستان جو ڪو دهشت گرد گروهه ان واقعي ۾ ملوث هوندو به ته پاڪستان ان خلاف ڪارروائي ۾ ڀارت جو سهڪاري هوندو. پاڪستان ان واقعي جي ڀارت سان گڏ عالمي برادري کي به غير جانبداراڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان اهو موقف به اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو. اهو پنهنجي طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ڪندو پر جيڪڏهن ڀارت اڳرائي ڪندو ته پوءِ اهو به منهن توڙ جواب ڏيندو ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندو. پاڪستان اهو به چئي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ڪندي پاڪستان جو پاڻي  بند ڪندو ته ان عمل کي ”اعلان جنگ“سمجهيو ويندو. پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معاملي کي عالمي ادارن ۾ اٿارڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي.

 پاڪستان ٻي سٺي پاليسي اها به اختيار ڪئي آهي ته ڀارت جي انتهاپسند پاليسين ۽ پهلگام واقعي واري الزام بابت سفارتي سطح تي ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ عالمي برادري کي پنهنجو موقف ۽ پاليسي ٻڌائي به رهيو آهي ته ان کي اعتماد ۾ به وٺي رهيو آهي جنهن سان پاڪستان عالمي سطح تي حمايت ماڻي رهيو آهي پاڪستان جي سڀ کان اڳ ۾ چين حمايت ڪئي، بعد ۾ سعودي  عرب، ايران، ترڪي اڳتي آيا. پوءِ آمريڪا به ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي آمريڪا ۽ برطانيا به ڀارت کي سمجهائڻ شروع ڪيو آهي.

سو پاڪستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جنگي صورتحال کي ٽارجي ۽ اسان سندس ان پاليسي جي حمايت ڪيون ٿا پر پاڻ کي اهو ڏسي حيرت ٿي رهي آهي ته اڄ ڀارت جي پريس ۽ سوشل ميڊيا ايئن آزاد ناهي جيئن پاڪستان ۾ آهي. انڊيا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا  ۽ اتان جي سوشل ميڊيا به ڀارتي حڪومت وانگر انتهاپسند ۽ جذباتي نظر اچي رهي آهي جيڪا حيرت جي ڳالهه آهي. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته ڀارت جي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا، اتان جو عوام، سياسي جماعتون بي جي پي جي انتهاپسند پاليسين جي خلاف کلي نموني ڳالهائين، ان تي تنقيد ڪن ۽ حڪومت تي زور ڀرين ته پاڪستان سان ڪشمير جي اشو تي تڪرار هوندي به ماضي وانگر حڪومتي، سياسي، واپاري، ثقافتي، فني لاڳاپا بحال رکڻ گهرجن. ڪرڪيٽ ٽيمون توڙي رانديون به ٻنهي ملڪن ۾ ٿيڻ گهرجن. ٻيو ته پهلگام واقعي تي ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. پاڪستان تي لڳايم الزام جا ان کي ثبوت مُهيا ڪيا وڃن ۽ جنگ کي هر لحاظ کان ٽارڻ جو ڀارتي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جنگ جي معنيٰ ئي هر قسم جي تباهي آهي جنهن کي هڪڙن ننڍن واقعن کي بنياد بڻائي ڦهلائڻ نه گهرجي.

 ڀارت جي ان جارهاڻي رويي سبب پاڪستان به بهرحال پنهنجي جنگي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ته جنگي ماحول کي ٽارڻ جي ڪوشش ۾ به لڳل آهي، جنهن کي اسان پاڪستان جو درست ۽ غير جذباتي موقف سمجهون ٿا جنهن مان ڀارت کي به سکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.