فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيل جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف آيل اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو هلندڙ هفتي ۾ ٻڌايو ويندو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل منصور اعواڻ پنهنجا دليل پيش ڪيا. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جناح هائوس حملي دوران غفلت ڪندڙ ٽن اعليٰ فوجي آفيسرن خلاف کاتي جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ کين بنا پينشن ۽ مراعتن جي رٽائر ڪيو ويو آهي.
اٽارني جنرل موجب، رٽائر ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل، هڪ بريگيڊيئر، ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل شامل آهن.
هن چيو ته 14 آفيسرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، جن کي هاڻي مستقبل ۾ ترقي نه ملندي.
جسٽس جمال خان مندو خيل سوال ڪيو ته ڇا فوج ڪنهن آفيسر خلاف فوجداري ڪارروائي ڪئي؟ اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته فوجداري ڪارروائي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪو ڏوهه ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته کاتي جي ڪارروائي 9 مئي واري واقعو نه روڪڻ تي ڪئي وئي.
اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته ٻئي وزيراعظم کي 2007 ۾ قتل ڪيو ويو، پر انهن ٻنهي واقعن جي رد عمل ۾ سياسي پارٽين طرفان اهڙو رد عمل نه آيو جيڪو 9 مئي تي ڏٺو ويو.
جسٽس جمال خان وضاحت ڏيندي چيو ته اهو سوال اسان اڳيان ناهي ته ڏوهه ناهي ٿيو.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي ايڪٽ واضح آهي ته کاتي جي ڪارروائي سان گڏ فوجداري سزا به ٿيندي.
ان تي اٽارني جنرل چيو ته صبر جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
ان کان پوءِ، عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل جي فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو هلندڙ هفتي ۾ ٻڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.