پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ باوجود ڪراچي مان 2 آمريڪي هيلي ڪاپٽرن جو ڀارتي شهر احمد آباد تائين سفر، مسافر ڪير هئا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ دهشتگردي واري واقعي ۽ ڀارتي الزامن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ واري صورتحال باوجود، آمريڪي رجسٽريشن وارن ٻن هيليڪاپٽر ڪراچي کان ڀارتي شهر احمدآباد تائين اُڏام ڀري، جنهن کانپوءِ ڪيئي سوال اُٿڻ لڳا آهن.
پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب ٻنهي مُلڪن جون هوائي حدون بند هئڻ باوجود آچر جي منجهند ٻن آمريڪي هيلي ڪاپٽرن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ڀارتي شهر احمد آباد جو سفر طئي ڪيو.
ايوي ايشن ذريعن موجب، آمريڪي رجسٽريشن رکندڙ ٻه هيلي ڪاپٽر آچر جي ڏينهن منجهند هڪ وڳي شارجا مان اُڏام ڀريندڙ هيلي ڪاپٽر عربي سمنڊ تي هيٺين سطح تي پرواز ڪندي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿا، جتي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين موجود رهيا.
ان کانپوءِ شام جو ٽِين وڳي ٻئي ليونارڊو اي ڊبليو 139 هيليڪاپٽر بدين طرف روانا ٿيا ۽ چوهڙ جمالي ويجهو پاڪستاني هوائي حدون ڇڏي ڀارتي علائقي ۾ داخل ٿيا، جتي 11 هزار فٽ جي بلندي تي اُڏام ڪندي ٻنهي هيلي ڪاپٽرن احمدآباد ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.
دير دير تائين هيلي ڪاپٽر احمد آباد ۾ ئي موجود هئا، ڄاڻايل هيلي ڪاپٽرن ۾ ڪهڙا مسافر هئا ۽ انهن ڪهڙي مقصد لاءِ ڪراچي ۽ پوءِ ڀارت جو سفر ڪيو، اڃا تائين ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي معلومات سامهون نه آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.