راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، جيڪو زمين کان زمين تائين 120 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
پاڪ فوجي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، هي تجربو ”انڊس مشق“ دوران ڪيو ويو، جنهن جو مقصد فوجي جوانن جي آپريشنل تياري کي پرکڻ ۽ ميزائل جي جديد نيويگيشن سسٽم سميت اهم ٽيڪنيڪي پهلوئن جي تصديق ڪرڻ هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتح سيريز جو هي ميزائل هڪ ٽيڪٽيڪل نيوڪليئر هٿيار آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به حملي جي جواب ۾ عام شهري آبادي کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ رڳو فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربي تي آفيسرن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون آهن.
You might also like