اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد ” تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ملڪ ۾ چونڊن ۽ اقتدار جي منتقلي تي سخت خدشا ظاهر ڪندي سوال ڪيو آهي ته ”چورن ۽ ڦورن جي حمايت ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟“
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته عام چونڊن کانپوءِ ماڻهن کان سندن اصل مينڊيٽ کسيو ويو، جيڪا جمهوري اصولن ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته پاڪستان هن وقت سخت سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آهي، پر ان باوجود سگهاريون ڌريون چورن ۽ ڦورن جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن.
اپوزيشن اتحاد جي سربراهه زور ڏيندي چيو ته هي وقت قومي اتحاد ۽ آئين جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ جو آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
You might also like