”ڊي ايڇ اي“ جو ذڪر؟ انور مقصود جي ڊرامي تي پابندي ڇو لڳي؟

اسلام آباد(عمر چيما)ناليواري ڪمپيئر ۽ ليکڪ انور مقصود جي اسٽيج ڊرامي”ھائوس اريسٽ“ تي اسلام آباد ۾ پابندي لڳائي وئي آھي،ڊرامي لاءِ ڏنل اين او سي واپس ڪئي وئي آھي،ان ڊرامي جون 8 قسطون ھلي چڪيون ھيون،اھو 8 ڀيرا وڌيڪ ھلڻو ھو،پابندي لڳڻ جو سبب ظاھري طور معلوم نھ ٿي سگھيو آھي،اھو ڊرامو ٻھ اڌڙوٽ عمر جي ٻن عورتن جي چوڌاري گھمي ٿو،چيو پيو وڃي تھ ان ڊرامي ۾ ڊي ايڇ اي ۽ وزيراعظم شھبازشريف جو ذڪر اچي ٿو،شھبازشريف جو مذاق اڏايو وڃي ٿو پر ان جو ايترو ڪو مسئلو ناھي،ڊي ايڇ اي وارو معاملو سنجيدھ آھي ۽ پابندي لڳڻ جو اھو ئي سبب بڻيو ھوندو ٻي ڳالھھ تھ انور مقصود ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ بداعتمادي جو ھُل آھي،انور مقصود اسٽيبلشمينٽ تي ڪنھن نھ ڪنھن موقعي تي ٺٺول ڪري ڇڏيندو آھي جنھن سبب طاقتور ڌرين ۾ ناراضگي پکڙيل آھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 05 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.