اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ڀارتي پرچم بردار ٻيڙين جي پاڪستاني پاڻيَن ۽ بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پاڻيمعاملن بابت وزارت طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن خاص صورت ۾ ڪا استثنا ضروري ٿي ته ان جو جائزو وٺي، ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو، پاڪستان فضائي سطح تي ڀارت کي جواب ڏيڻ کان پوءِ هاڻ سامونڊي ميدان ۾ به سخت موقف اختيار ڪيو آهي، پاڻي معاملن بابت وازارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ڀارتي ڪارگو ٻيڙيون پاڪستان جي پاڻيَن يا بندرگاهن ۾ داخل نه ٿي سگھنديون.