پاڪستان جو ڀارتي اڳرائي بابت سلامتي ڪائونسل ۾ بريفنگ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي کي سلامتي ڪائونسل اجلاس گهرائڻ لاءِ فوري اپائن جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي کاتي جي پڌرائي موجب، پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي خطي جي صورتحال تي باضابطا بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي جارحاڻي اپائن کان آگاهه ڪندو، سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني اپائن تي به روشني وڌي ويندي. واضح ڪيو ويندو ته ڀارتي اپاءَ خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. سفارتي اپاءَ پاڪستان جي عالمي برادري سامهون حقيقتون پيش ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.