ڪراچي/شھدادڪوٽ ( رپورٽر= ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ھن وقت پاڻي جي شديد کوٽ آبادگارن ۽ هارين کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. موجود پاڻي تي به ڪامورا ۽وڏا آبادگار ملي ڀڳت ڪري عام بي پهچ آبادگارن ۽ هارين جي حق تلفي ڪن ٿا، ھن چيو تھ سنڌوءَ تي ڪئنالن جو مسئلو اڃان تائين مڪمل حل ڪونه ٿيو آهي، عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ ان کي وقتي طور ٻنجو ضرور آيو آهي، انڪري ”سنڌوءَ درياء بچايو“ تحريڪ جاري رهندي. 18مئي تي ڪراچيءَ جناه باغ ۾ ٿيندڙ جلسو عوامي بيداري کي هٿي ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهدادڪوٽ ۾ هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ 17 سالن کان لاڳيتو اقتدار ۾ سنڌ جي وسيلن جي نيلامي ۽ سودي بازي ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ کي نئون نالو ڏيڻ جي رينگٽ سندن منافقت جي حد آهي، پ پ جيڪڏهن سنڌ سان سچي آهي ته عمرڪوٽ، بدين، خيرپور، مٽياري ۽ گورک هل سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڌارين کي قيمتي زرعي زمينون ڏيڻ واري رٿا کي رد ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين جي حوالي ڪري. ميڙاڪي کي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ منصور احمد ابڙو، نورالدين ڀٽي پڻ خطاب ڪيو.