هندستان جي وڌندڙ جنگي جنونيت جي ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار جا گهاٽا ڪڪر ڀرجي رهيا آهن.والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ دهشتگرد حملي ۽ ٻن درجن کان وڌيڪ سياحن جي قتل، مودي حڪومت کي جنگ جو دھل وڄائڻ جو بهانو فراهم ڪيو آهي. بنياد پرست، قوم پرستي نئين بلندين تي پهچي رهي آهي. غير منطقي اجائي گوڙ جي ڪري معقول آواز دٻجي رهيا آهن. ٻنھي ملڪن وچ ۾ لائن آف ڪنٽرول تي صورتحال اڳ ئي ڇڪتاڻ واري آهي.ننڍي کنڊ ۾ ٻن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ سڄي خطي بلڪھ دنيا جي گھڻن ئي ملڪن کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو آھي.علائقي کي جنگ ۾ڌڪڻ جي خواھش رکندڙ ماڻھو ان جي نتيجن کان بي خبر آھن.خطي ۾ ڪا بھ جنگ انسان جي ترقي، اوسر ۽ سماجي جوڙجڪ کي ڌڪ سان تباھ ڪري ڇڏيندي.
ھاڻي جڏھن ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي سان زباني ڪلامي طور اڳيان نڪري ويون آھن، تنھنڪري ڪجھه مبصرن جو خيال آھي تھ محدود قسم جي ڪا ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، پر عسڪري تجزئي نگارن جو خيال آھي تھ پاڪستان ان ۾سلسلي ۾ڪا اڳرائي ڪرڻ نھ چاھيندو، پر ھندستان پاران ڪنھن بھ قسم جي ڪارروائي جو موثر ۽ بروقت جواب ڏنو ويندو.خطي جي سپر پاور ٿيڻ جي ھندستاني ڪوشش ۽ خواھش کان تھ ھر ڪو واقف آھي پر ان جي لاءِ زميني حقيقت کي نظرانداز ڪرڻ بي وقوفي ٿيندي.اھو درست آھي تھ ھندستان آباديءَ ۽ فوجي طاقت جي لحاظ سان سگھارو ملڪ آھي پر ھندستان کي پاڪستان جي فوجي طاقت جو بھ اندازو آھي.
جيتوڻيڪ دنيا ۾ پنھنجي سفارتي ميدان ۾ ڪافي اڳڀرائي ھئڻ جي باوجود ھندستان کي ھاڻوڪي ڇڪتاڻ ۾ ڪا وڏي عالمي يا سفارتي حمايت ملي نھ سگھي آھي.جنھن ڪري ملڪ جي ماڻھن کي ذھني طور تي جنگي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندڙ ھندستاني حڪومت ڪو حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگھي آھي.ننڍي کنڊ جا ھي ٻئي ملڪ شروع کان ئي ھڪ ٻئي جا حريف بڻجي ويا آھن، جنھن ڪري ٻنھي ملڪن جي آبادي جي خاص حصي ۾ ھٿ سان جنگي جنون جي ٻوٽي کي پوکيو ويو آھي.جنھن ڪري ھڪ ٻئي خلاف واويلا ڪرڻ ۽ پراڪسيز جو سلسلو ھلندڙ آھي. نتيجي ۾ عرصي کان پاڙيسري ملڪن ۾ سفارتي ناتا بھ رسمي رھجي ويا آھن.ھئڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ ُمني صديءَ پوري ٿيڻ وچ ۾ ٻنھي ملڪن ۾ اڻ نبريل معاملن کي نبيريو وڃي ھا ۽ ملڪ توڙي ان جو حڪومتون ھڪ ٻئي جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ھا.جئين اٽڪل ڏيڍ ارب انسان امن ۽ آسودگيءَ سان زندگيءَ کي بھتر طور ڪتب آڻي سگھن ھا.
هاڻي جڏهن ٻئي ملڪ جنگي ماحول ۾ گھڻو اڳتي وڌي ويا آھن ۽ عرصي کان ھڪ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن ۽ صورتحال ڪنھن اھڙي آتش فشان جو اولڙو پيش ڪري رھي آھي جيڪو ڪنھن بھ وقت ڦاٽي سگھي ٿو، تڏھن ان کي ماٺو ڪرڻ ۽ ٿڌو ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي.اھو اصول آھي تھ جڏھن بھ جنگ لڳندي آھي تھ ھڪ ٻئي جي طاقت ڪڇي ۽ ھڪ ٻئي جي پاڻي جي خبر وٺڻ بعد وري بھ معاملا ٽيبل تي نبيريا ويندا آھن.سو جڏھن وري بھ ٽيبل تي اچي ڪري ئي ھڪ ٻئي سان ويھي معاملا ٺيڪ ڪرڻا آھن تھ اھو ڪم ھاڻي ئي ڪرڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جو بعد ۾ رڳو ھڪ ٻئي کي ڏنل نقصان جي ازالي ڪرڻ جو دٻاءَ رھندو آھي.
نئين دهلي پهلگام حملي لاءِ پاڪستان کي الزام ڏئي هڪ چڙ ڏياريندڙ ڪيس ٺاهيو آهي پر الزامن جي حمايت ۾ ثبوت فراهم ڪري نھ سگھيو آھي.ھندستان جي ضد جو وڏو سبب اهو آهي ته هن دهشتگرد حملي بعد والاريل وادي ۾ معاملي جي معمول تي اچڻ جي ڳالھھ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هندستان جي دعويٰ ڪئي ته ڪشمير جي ماڻهن نئين دهلي جي ڪشمير جي خاص خودمختيار حيثيت ختم ڪرڻ جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي. نريندر مودي حڪومت اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته هي حملو انهن جي انٽيليجنس ناڪامي هئي.ڪجهه هندستاني تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن پاران انتهائي محفوظ سمجهيل علائقن مان هڪ تھ اھڙو حملو مقامي مدد کانسواءِ ممڪن نه هوندو. سچ اهو آهي ته وحشي طاقت جو استعمال به ڪشميرين جي خود اراديت جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو.
جيتوڻيڪ هندستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته جاچ اڃا تائين جاري آهي، مودي حڪومت اڳ ۾ ئي حملي جو الزام پاڪستان تي لڳائي چڪي آهي.مودي سرڪار پاران پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان ظاهري طور تي ولاريل وادي ۾ پنهنجي ناڪامي تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. حملي سان پاڪستان کي سڌو سنئون ڳنڍڻ جا ثبوت نه هجڻ جي باوجود، اهڙا مضبوط اشارا آهن ته هندستان پاڪستان ۾ ڪيترن ئي هدفن تي فوجي حملي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.محدود هندستاني حملو به وڏي پيماني تي صورتحال کي بگاڙڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.هندستان جو اهو خيال ته هو پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي کي ايٽمي حد تائين پهچڻ نه ڏيندو، مڪمل طور تي غلط آهي. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غير مستحڪم علائقن مان هڪ ۾ ٻنهي جي وچ ۾ هي خطرناڪ ٽڪراءُ انتهائي خوفناڪ ثابت ٿيندو.ٻئي ڏکڻ ايشيائي ملڪ ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪرارن ۾ ڦاٿل رهيا آهن. پر اڄ جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ وڌيڪ سنگين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتڪاري جا سڀ ذريعا بند آهن.جنگ جا نتيجا ڪنھن بھ صورت ۾ ڪنھن جي خواھش جي تابع نھ ھوندا آھن ۽ تڪرار جا گھڻو ڪري نتيجا سوچ سمجهھ جي ابتڙ ئي ھوندا آھن ۽ جنگن جي وڏي پيماني تي پکڙجڻ جو جواز يا سبب بڻبا آھن.نھ رڳو ايترو پر جنگ وڏي بجيٽ بھ ھڙپ ڪري ويندي آھي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جو نھ ھئڻ ٻنھي ملڪن ۾ اعتماد کي ختم ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري ھن وقت جن ملڪن تي ٻنھي ڌرين کي اعتبار ھجي، انھن جي ذريعي صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪن.ممڪن آھي تھ اھو سڀ ڪجھه ڏکيو ھجي پر ان کانسواءِ ٻنھي ملڪن باقي ڪا واٽ نھ ڇڏي آھي.ھن جديد دور ۾ ڳالھين جا در بند ڪرڻ يعني دنيا کان ڪٽجڻ برابر آھي.بھتر ٿيندو تھ جنگي ڪيفيت مان نڪري اعتبار جوڳن ٽياڪڙن کي وچ ۾ آڻي معاملي کي ٺاريو وڃي. باقي ڪو رستو نھ آھي.