1901ع ۾ انڊين ايريگيشن ڪميشن ٺاهي وئي جنهن کي اسڪاٽ مانڪريف ڪميشن پڻ چئجي ٿو، ان ايريگيشن ڪميشن پنجاب کي چيو ته ٻيلي سنڌ تي رحم ڪريو سنڌ وٽ سنڌو درياهه کانسواءَ ڪا ٻي واهه ڪونهي، پنجاب ۾ برساتون به جام ٿيون پون پر سنڌ ۾ برساتن جي صورتحال خراب آهي، سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ برساتون گهٽ ٿيون پون انڪري سنڌو درياهه جو پاڻي توهان پنهنجي حصي کان وڌيڪ نه کڻو پر پنجاب کي اهو صرف زباني ڪلامي چئبو هو جيئن هن وقت پيپلز پارٽي جي سرڪار چئي ٿي ته ڪو به ڪئنال ٺهڻ نه ڏبو پر عملي طور لکي ڏئي ٿي اچي ته ڀلي سي سي آءِ جي گڏيل رضامنديءَ سان ڪئنال ٺاهيو.
سو انگريز سرڪار جو به ساڳيو رويو هوندو هو متان متان، نه ٺاهجو نه نه ڪري پنجاب کي نون ڪئنالن لاءِ بجيٽ جاري ڪئي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار پنجابي فوجين کي زمينون ڏئي، انهن لاءِ پاڻي فراهم ڪري انهن کي پنهنجو وفادار برقرار رکڻ لاءِ ايئن پئي ڪيو. 1853ع ۾ پنجاب نوان ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي سنڌ جو پاڻي چورائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو سو اڃان به جاري آهي، سنڌ سرڪار جيڪا بمبئي جو هڪ صوبو بڻائي وئي هئي تنهن دانهون ڪوڪون شروع ڪيون جنهن تي انگريزن به مجبور ٿي ڪميشنن ۽ ڪميٽين ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو، 1935ع ۾ اينڊرسن ڪميٽي، 1941ع ۾ رائو ڪميشن، 1945ع ۾ ڪاٽن ڪميٽي سميت سڀني ڪميٽين پنجاب کي ڏوهي مڃيو پر سزا نه ڏني پنجاب کي چيو ويو ته ٻيلي ڏاها ٿيو ائين نه ڪيو. ڪاٽن ڪميٽي مڙيئي ڪجهه مڙسي ڪئي ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي چيف انجنيئرن کي گڏ ويهاري 1935ع جي انڊين ايڪٽ تحت فيصلو ڪيو ته اڳ ۾ جيڪي پنجاب ڌاڙا هنيا سي پنجاب کي بخش ڪيو ان جي بدلي پنجاب سرڪار سنڌ سرڪار کي هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ ڀري ڏيندي تنهن وقت جا هڪ ڪروڙ هن وقت جا کربين روپيا ٿيندا، ان کان علاوه ڪاٽن ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پنجاب سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال، ڊيم يا هئڊورڪس نٿو ٺاهي سگهي.
هن ڪميٽي ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين جن ۾ چناب، جهلم، راوي، بياس ۽ ستلج شامل آهن انهن تي سنڌ ۽ پنجاب جو حصو 48، 48 سيڪڙو آهي. هندستان ۾ موجود پنجاب ۽ پاڪستان ۾ موجود پنجاب ٻنهي جو ملائي ڪري حصو 48 سيڪڙو ۽ سنڌ جو اڪيلي سر 48 سيڪڙو حصو آهي، هي معاهدو جنهن کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع چئجي ٿو سو ٻنهي ڌرين جي رضامنديءَ سان ٿي ويو پر پاڪستان ٺهڻ شرط پنجاب جي ٻيگهي مچي وئي ۽ پنجاب هندستان جي پنجاب سان ملي ڀڳت ڪري سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، سو موجوده صورتحال ۾ سي سي آءِ جي فيصلي تي هڪڙا جشن پيا ملهائين، ٻيا مايوس آهن، ٽيان خاموش آهن، چوٿان هن سموري صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، هڪڙا وري اهڙا به آهن جن چيو ته هي هڪڙي ننڍڙي ڪاميابي آهي، هي اسان جي جنگ ڊگهي جنگ آهي، ڊگهي ويڙهه آهي، اڙانگي وڙن وڪڙن واري ويڙهه آهي، هن ۾ هڪ پل به خاموش ناهي رهڻو انهن مان عوامي تحريڪ هڪ آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرن ۽ مارچن جو شيڊول ميڊيا اڳيان پڌرو ڪيو. ائين ايس يو پي به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، ايس ٽي پي به ڪيو آهي جيڪو سٺو عمل آهي. عوامي تحريڪ جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ جي مسئلي تي گذريل اڍائي سالن کان سراپا احتجاج آهي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهدن قوم کي اتساهه بخشيو آهي، ان جو جدوجهد جاري رکڻ يقينن هڪ اهم فيصلو آهي.
سي سي آءِ ۾ ڪٿي به اهو ناهي چيو ويو ته ڪو ڪئنال رد ٿيندا بلڪه فيصلو ڪيو ويو آهي ته سي سي آءِ جي رضامندي کانسواءِ ڪي به ڪئنال نه ٺهندا هاڻي هي حڪمران بيوقوف ڪنهن کي پيا بڻائين؟ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته سي سي آءِ ۾ پنجاب جي هڪ هٽي آهي، اتان پنجاب پنهنجي مرضي سان ڪي به فيصلا آساني سان وٺرائي سگهي ٿو، سي سي آءِ جي اسٽرڪچر ۾ تبديلي کانسواءِ سي سي آءِ جا ڪي به فيصلا سنڌي عوام قبول نه ڪندو، سي سي آءِ سميت سمورن وفاقي ادارن ۾ سمورين قومن کي برابر نمائندگي ڏني وڃي، وفاق ۾ پنجاب جي بالادستي ختم ڪئي وڃي. وري جيڪي پاڻي موجودگي جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا جنهن تحت پنجاب چولستان ڪئنال جو ڪم شروع ڪيو اهي جعلي سرٽيفڪيٽ به رد ڪرڻ بدران واپس ارسا ۾ موڪليا ويا آهن، ايڪنيڪ طرفان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو به سي سي آءِ ۾ رد ناهي ڪيو ويو اهي به واپس ايڪنيڪ ۾ موڪليا ويا آهن، هاڻي اهو ائين ٿيو جيئن سيشن ڪورٽ ڪنهن ماڻهو جي مفادن خلاف فيصلو ڏئي، اهو ان جي فيصلي مان مطئمن نه ٿئي پوءِ انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ وڃي ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وري انصاف ڪرڻ بدران پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ بدران ڪيس ئي واپس سيشن ڪورٽ ۾ موڪلي ڇڏي، هن معاملي تي به ائين ٿيو آهي سي سي آءِ ايڪنيڪ ۽ ارسا ٻنهي کان وڏو ادارو سي سي آءِ کي فيصلا واپس موڪلڻ جو ته اختيار ڪونهي، سي سي آءِ يا ته فيصلا رد ڪري يا برقرار رکي، پر سنڌي قوم جي احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌين جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي سازش ڪئي وئي، هن سموري سازش جي ماسٽر مائينڊ پيپلز پارٽي آهي، پيپلز پارٽي جيڪا دعويٰ ٿي ڪري ته ان سي سي آءِ جي آئيني اداري ۾ سنڌ جو ڪيس رکيو جڏهن ته حقيقت ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ئي سنڌ جي احتجاج سبب ٿيو.