غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ جو الزام، ارمغان جسماني رمانڊ تي سائبر ڪرائم حوالي

ڪراچي (رپورٽر)  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ ڪراچي جي عدالت غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ارمغان کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سائبر ڪرائم اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ۾ سائبر ڪرائم وارن طرفان جسماني رمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار ارمغان کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار تي غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ ۽ ڪرپٽو ڪرنسي جي منتقلي جو الزام آهي ۽ ٽيڪنيڪي جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ضروري آهي، عدالت جوابدار ارمغان کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سائبر ڪرائم جي تحويل ۾ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته جيل اختيارين کي به هدايت ڪئي وئي ته جوابدار کي سائبر ڪرائم اختيارين حوالي ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.