ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ آزاد صحافت جمهوريت جا اهم ٿنڀآهن، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي بقا لاءِ آواز اٿاريندي رھي آهي. سنڌ سرڪار، بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ صحافين جي حقن لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن، اظهارِ راءِ جي آزادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن باقاعده طور تي صحافين جي تحفظ جو قانون منظور ڪيو، اھڙي ريت سنڌ انفارميشن ڪميشن جو قيام عوام جي معلومات واري حق ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي، صحافي ويلفيئر فنڊ جي ذريعي سنڌ سرڪار مستحق صحافين ۽ سندن خاندانن جي مالي مدد ڪئي، هن چيو ته اڄ اسان انهن سڀني صحافين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا جن حق ۽ سچائي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. سنڌ سرڪار سدائين اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي رهندي، هن چيو ته اسان هڪ اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر صحافي آزادي، تحفظ ۽ وقار سان ڪم ڪري سگهي. وزير ميڊيا جي آزادي کي جمهوريت جي بقاء ۽ عوام جي آواز جو اهم حصو قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا جي آزادي، جمهوريت جي بقا ۽ عوام جو آواز ئي اسان جو مشن آهي.