حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، جنهندوران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام ۽ ٻيا اڳواڻ عدالت ۾ موجود هئا. ڪيس جي پوئيواري لاءِ سينيئر وڪيل هاشم لغاري پيش ٿيو، جڏهن ته عدالت ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست گذارن طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شهيد بشير قريشي جي قتل جي جاچ ڪنهن غيرملڪي آزاد اداري کان ڪرائي وڃي ۽ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻڌڻي جسٽس فياض الحسن شاھه تي مشتمل سنگل بينچ ڪئي. عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته، اسان 2012ع کان انصاف لاءِ عدالتن جا در کڙڪائي رهيا آهيون، پر اڃا تائين انصاف نٿو ملي. بشير خان قريشي جو ڪيس سنڌي قوم جي عدالت جو به آهي، تاريخ انصاف ضرور ڪندي. ڪيس جي پٽيشنر شهيد مقصود قريشي بابت به صنعان قريشي چيو ته، مقصود قريشي کي به ساڙي شهيد ڪيو ويو، پر انهن ڪيسن ۾ ڪو به اڳڀرو قدم نٿو کنيو وڃي. ايڊووڪيٽ هاشم لغاري چيو ته ڪيس بابت ابتدائي دليل عدالت آڏو پيش ڪيا ويا آهن، ۽ سندن مڪمل ڪوشش آهي ته شهيدن سان انصاف ٿئي. ٻئي پاسي، صوفي سنگت جي اڳواڻ آڪاش ملاح جسقم ۾ رسمي طور شموليت جو اعلان ڪيو، جنهن تي جسقم اڳواڻن کيس ڀليڪار چيو.