ڀارت سان جنگ جو خطرو اڃا موجود آهي: خواجا محمد آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصفچيو آهي ته مان ڀارت جي طرفان خطري جي ختم ٿيڻ واري ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان، خطرو اڃا تائين موجود آهي، اسان جي به مڪمل تياري آهي، اسان جو سپهه سالار اڳيان اچي قيادت ڪري رهيو آهي، اسان جون فوجون ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنديون، ڀارت هڪ وڏي ڌڪ لاءِ تيار رهي. جيڪي چئي رهيا آهن ته بانيءَ کي جيل مان ڪڍي ساڻ ويهاريو، انهن کي ماضي وسري ويو آهي؟ ٽي وي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي بچاءُ واري خواجا آصف چيو ته عالمي برادري جو دٻاءُ موجود آهي، ان دٻاءُ جو نتيجو ايندڙ 2–4 ڏينهن ۾ ظاهر ٿي ويندو. پهَلگام حملي ۾ ڪا به سچائي ناهي، جيڪڏهن سچ هجي ها ته ڀارت جاچ کان ڇو ڀڄي رهيو آهي؟ هن چيو ته آرمي چيف سڀني مورچن جو دورو ڪري چڪو آهي، جوانن سان ويجهڙائپ جي ڪري اعتماد جو ماحول پيدا ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.