ڀائر ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم چيو ته ڀائر ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن. وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن دوران خطي جي صورتحال، خاص ڪري پهلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفيرن پاڪستان سان گڏجي علائقائي امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران وزيراعظم سعودي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم ڀارتي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هر صورت جي مذمت ڪري ٿو ۽ گذريل ورهين ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. يو اي اي جي سفير حميد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات ۾ به وزيراعظم ڀارت جي طرفان پاڪستان تي مڙهيل الزامن کي رد ڪندي چيو ته انهن جو مقصد پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ آهي. ڪويتي سفير سان ملاقات ۾ به خطي جي امن لاءِ گڏيل تعاون تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪويت سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ولي عهد جي جلد دوري جو منتظر آهي. سڀني سفيرن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي وزيراعظم جي اعتماد تي ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.