ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال پيو ڪري، جنگ مڙهي وئي ته فيصلائتو جواب ڏينداسين\ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج جي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت برقرار رکڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ چيو ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير جيصدارت هيٺ خاص ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال، خاص طور ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فورم ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي يا مهم جوئي جي صورت ۾ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ بابت پنهنجي اٽل عزم ورجايو.ڪانفرنس دوران آرمي چيف پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن، ثابت قدم حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج پنهنجي عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ ملڪي بچاءُ لاءِ مڪمل تيار آهي. فورم خاص طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، خاص ڪري پهلگام واري واقعي کانپوءِ لائين آف ڪنٽرول تي عام شهرين کي نشانو بڻائڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت جون اهڙيون بي سبب ۽ غير انساني ڪارروائيون خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجن ٿيون، جن جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڀارتي فوج ۽ انٽيليجنس ادارن جي پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هجڻ بابت ترديد نه ڪرڻ جوڳن ثبوتن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم چيو ته رياستي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ اهڙيون ڪارروائيون عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهن. فورم موجب، ڀارت پهلگام جي واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان جو ڌيان اولهه واري سرحد ۽ معيشت جي بحالي واري جدوجهد تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارت جي طرفان سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائڻ واري رويي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ارادي تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي متاثر ٿيندي، پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ٿيندي. فورم واضح ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ امن جو سفر ڪنهن به ڌمڪي، جبر يا پراڪسي جي مدد سان روڪيو نه ٿو سگهجي ۽ ڪنهن به جنگ مڙهڻ جي ڪوشش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير مُلڪ جي دفاع لاءِ ٿيندڙ آپريشنل تيارين، فارمِيشنز ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي حوصلي ۽ جذبي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.