عارف علويءَ ڪئنالن بابت بلاول جو الزام رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر عارف علوي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنالن واري معاملي تي الزامن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. خابرو ذريعي ايوان صدر جي عهديدارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته جنوري 2024 ۾ نگران حڪومت ان وقت جي صدر عارف علوي کي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي آرڊيننس پيش ڪيو جنهن تي صدر صحيحون نه ڪيون ۽ 6 جنوري تي واپس ڪري ڇڏيو. عهديدار موجب 16 فيبروري تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته صدر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته 14 مارچ تي نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو هو. اڳوڻي صدر عارف علوي خابرو ذريعي کي دستاويز موڪليو جنهن انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ترميمي آرڊيننس بابت وزيراعظم جي صلاح کي رد ڪيو ويو آهي، دستاويز اختلافي نوٽ آهي جنهن ۾ چيو ويو ته 8 فيبروري 2024 تي رٿيل چونڊن کي ڏسندي صدر جي خيال ۾ اهو قدم غير ضروري آهي ۽ اهم بل چونڊن کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ان کان اڳ هڪ وڊيو ۾ عارف علوي چيو هو ته آڙڊيننس مون وٽ آيو هو، پر مون صحيحون نه ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.