ڪراچي (ارباب چانديو) سنڌ ۾ پھريون ڀيرو ڀٽو خاندان ۽ جي ايم سيد خاندان وچ ۾ سياسي ويجھڙائي ٿي رھي آھي. ذوالفقار ڀٽو جو پوٽو ذوالفقار جونيئر ۽ جي ايم سيد جو پوٽو سيد زين شاھ سياسي طور تي ويجھو اچي رھيا آھن ۽ ان جو سبب عوام پاران مليل اھا موٽ آھي جيڪا ٻٻرلوءِ ڌرڻي دوران کين ملي. ٻنھي جون ڌار ڌار پارٽيون آھن. جيڪي اڳتي به رھنديون پر سنڌ جي مسئلن تي ٻنھي سياسي شخصيتن وچ ۾ رابطا شروع ٿي ويا آھن. ٻنھي وچ ۾ سنڌ جي مسئلن تي ھڪ ٻئي جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ واسين لاءِ اھا سٺي خبر آھي ته سن ۽ ڳڙھي خدا بخش ۾ ويجھڙائي ٿي رھي آھي.