ڪراچي( رپورٽر) قومي سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي ۽ 18 مئي تي باغِ جناح ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو "درياءِ بچايو تحريڪ” جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو فنڪشنل ليگ هائوس ڪراچيءَ ۾ سيد صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيد زين شاهه، حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر صفدر عباسي، قاري محمد عثمان، سردار عبد الرحيم، مولانا اسدالله ڀٽو، مسرور خان جتوئي، حسنين مرزا، راحيلا مگسي، احسان خان جتوئي، مظهر راهوجو، فقير غلام نبي منگريو، مجاهد چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ پاڻي جي تحفظ جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رهندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سنڌ دشمن حڪمرانن کي خبردار ڪيو ته سنڌ جي عوام کي وڌيڪ دوکو ڏيڻ يا گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ قانون بدران رڳو رشوت ۽ اقربا پروري هلندي آهي، جنهن خلاف هڪ مضبوط تحريڪ هلائي سنڌ دشمن پاليسين کي روڪيو ويندو. ڪراچي ۾ ڊمپر مافيا جي بي قابو ٿيڻ تي اجلاس ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي شهر ۾ ٻين مهذب شهرن وانگر گهرن جي نلڪن مان پاڻي اچڻ گهرجي، پر واٽر بورڊ جي ڪرپٽ اداري ۽ واٽر ٽينڪر مافيا جي سرپرستي سبب شهرين کي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي.