پهلگام فالس فليگ: پاڪ فوج پاران جنگي مشقن جو سلسلو جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج پاران پهلگام فالس فليگ واقعي جي تناظر ۾ جنگي مشقن جو سلسلو جاري آهي، جن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به ممڪن اڳرائي جو اثرائتو جواب ڏيڻ آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، مشقن دوران جديد هٿيارن سان آپريشنل تياري جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي پيشوراڻي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مشقون ملڪ جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.