ڪي پي ٽي پاران ڪراچي ۾ مهاڻن جي قديم وسندين سميت 19 ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) پاران قديم مهاڻن جي آبادين سميت 19 ڳوٺن جي رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن تحت علائقي واسين ترت جلد جاءِ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڪي پي ٽي اختيارين طرفان پبلڪ نوٽيس جاري ڪندي هجرت ڪالوني، سلطان آباد، اين ٽي آر، چائنا ڪريڪس ۽ گلشن ڪالوني سميت سڪندر آباد، ڊاڪس ڪالوني، مجيد ڪالوني، انٽيليجنس ڪالوني، سستي بستي، مڇر ڪالوني ۽ محمدي ڪالوني جي رهواسين کي نوٽيس موڪليا ويا آهن.
ان کانسواءِ صالح آباد، يونس آباد، نيو يونس آباد، ڪريڪس وليج، ڪاڪا پير ۽ ڀٽه وليج سميت مهاڻن جي ٻين قديم آبادين کي به گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ڪي پي ٽي موجب ڄاڻايل زمينون پورٽ جي ملڪيت آهن، جتي غيرقانوني قبضا ٿيل آهن، جيڪي فوري طور ختم ڪرايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.