ڏوڪري ويجهو ڏوهارين سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او ڳيريلو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري لڳ ڳوٺ محرابپور ۾ چاليهه ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳيريلو ٿاڻي جو ايس ايڇ او مير محمد کوسو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
اطلاعن موجب، مير محمد کوسو کي هٿياربندن فائرنگ جو نشانو بڻايو هو، جنهن کانپوءِ کيس سخت زخمي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج هيٺ هو، پر اڄ هو زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو.
ايس ايڇ او جو مڙهه پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاڙڪاڻي هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز کانپوءِ شهيد ايس مير محمد کوسو کي سلامي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي احمد چوڌري، اي ايس پي رتو ديرو محمد علي، ايس ايس پي حيدري احمد بخش راهوجو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.