موهن جو دڙو(ن ع آ) سيد هارون راشدي ٻٻرلو ڌرڻو جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ پاران تحفي ۾ ڏنل سونو تاج وڪرو ڪري مليل ساڍا يارنهن لک رپين جي رقم شھيدن ۽ زخمين جي وارثن کي امداد طور ادا ڪيا، جڏھن ته شھيد اسلم شاهاڻي، حبدار علي شاهاڻي، محمد عظيم شاهاڻي ۽ مولا بخش بروهي جي وارثن کي اڍائي اڍائي لک ۽ زخمين لاءِ 2 لک سميت ڪل امدادي رقم 12 لک امداد طور وارثن حوالي ڪئي، سيد هارون راشدي ڳوٺ ڪوٽ ڪالو مرزا شاهاڻي پهچي 4 شھيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي سيد هارون راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻٻرلوءِ حادثي ۾ 4 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ٿيو آھي، شھيدن جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪريون ٿا، هن چيو ته وڪيل عامر وڙائچ کي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ سونو تاج پارايو ويو هو جيڪو عامر وڙائچ خدمت طور مونکي پارايو، هن چيو ته گهرڀاتين فيصلو ڪيو ته سونو تاج وڪڻي مليل رقم شاهاڻي برادري جي ڌرڻي ۾ شھيدن جي وارثن حوالي ڪئي وڃي، ياد رهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو ۾ کاڌو کڻي واپسي بعد انور آباد وٽان لنڊن ۾ رهندڙ شففيق شاهاڻي جي سوشل ٽيم سان حادثو پيش آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شھيد ٿي ويا هئا.