ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ تي تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف وڪيلن جي تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ جي سٽي ڪورٽ ڪراچي پهچڻ تي وڪيلن پاران پرجوش آجيان ڪئي وئي، جتي هن ۽ سندس ساٿين کي اجرڪ پهريا ويا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ واسين ڌرڻي دوران اميد کان وڌيڪ پيار ڏنو، ماڻهن نه رڳو کاڌي جو بندوبست ڪيو پر ڪپڙا، موبائل فونن جي بئلنس سميت مختلف شيون پڻ فراهم ڪيون.
هن وڌيڪ چيو ته هو ڪئنالن خلاف جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مان مطمئن آهي، اسان کي سنڌوءَ جي هڪ چوڪيدار جيان مسلسل نگراني ڪرڻي پوندي.
سنڌ واسين اميد کان وڌيڪ موٽ ۽ پيار ڏنو، هاڻي درياهه جي چوڪيداري ڪرڻي پوندي: عامر نواز وڙائچ
You might also like