لاهور (امداد سومرو) سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف جيڪا تحريڪ هلي رهي هئي ان پيپلزپارٽي کي جهٽڪو رسايو آهي ۽ پيپلزپارٽي تاريخي بحران مان گذري رهي آهي. پيپلزپارٽي ڪئنالن جي معاملي تي شهبازحڪومت کان ڌار ٿيڻ جو چتاءُ ڏيندي رهي پر هاڪاري جواب نه اچي رهيو هو جنهن کانپوءِ ڌرڻا شروع ٿي ويا. ڪئنالن جي معاملي تي سي سي آءِ اي ۾ فيصلو ٿيو ته ڪو نئون ڪئنال نه ٺهندو ۽ حڪومتي نمائندن جي وفد اهي ڳالهيون ڌرڻي تي ويٺل وڪيلن سان ڪيون جن ۾ پ پ مخالف پارٽين جي ڪا قيادت موجود نه هئي. پيپلزپارٽي جون مخالف پارٽيون ايس يو پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جي يو آءِ ف، ايس ٽي پي، جسقم توڻي ٻيا ڪئنالن خلاف تحريڪ دوران ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري رهيا هئا. اهي پارٽيون احتجاج ڪري رهيون هيون ۽ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پڻ اڳواڻ شريڪ ٿيندا رهيا ۽ انهن سان تحريڪ ۾ گڏ رهيا. وڏي پئماني تي عوام ان تحريڪ ۾ شريڪ ٿي ويو. پيپلزپارٽي جي مقبوليت کي ڌڪ ان جي ڪري به لڳو آهي ته جو هو لاڳيتو حڪومت ۾ رهي آهي ۽ خاص طور تي ڪئنالن ۽ ن ليگ سان اتحادي حڪومت ۾ رهڻ سميت اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي پيپلزپارٽي جي ڪرنگهي جي هڏي ڀڃي ڇڏي آهي. ممڪن آهي ته پ پ خلاف جيڪا لهر اٿي هئي اها سڀاڻي ڪنهن وڏي متبادل طور سامهون اچي وڃي. اليڪشن ۾ سڀ ڌار ڌار اميدوار بيهاري پ پ خلاف اليڪشن وڙهندا آهن پر ٿي سگهي ٿو ته هو چونڊن ۾ پ پ خلاف ڪو گڏجي ڪو اهڙو متبادل آڻين جنهن سان پيپلزپارٽي جو صفايو ڪن. اهڙي تجويز ايس يو پي سان واڳيل ڊاڪٽر علي رند پڻ ڏني آهي. ڇا پيپلزپارٽي کي جيڪو جهٽڪو لڳو اهو برداشت ڪري سگهندي ۽ عوام ۾ وڃي پنهنجي غلطين جو ازالو ڪري وٺندي يا وري پ پ مخالف پارٽيون ڪو متبادل آڻينديون؟ اليڪشن ۾ اڃا وقت آهي تنهن جي ڪري اهو وقت ئي ظاهر ڪندو.