ڪراچي(رپورٽر) سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا سنڌ خلاف آهي، هن وقت ڪامريڊ غلام رسول سهتي جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ هاري اڳواڻ ڪامريڊغلام رسول سهتو جي پنجين ورسي جي مناسبت سان "ڪامريڊ غلام رسول سهتو يادگار ڪميٽي” پاران شاندار ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ صحافتي حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سيد زين شاهه، خالق جوڻيجو، ڪامريڊ اظھر جتوئي، يونس مھر، ڊاڪٽر توصيف، امان الله شيخ، واحد جان بلوچ، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي روايت کي اڳتي وڌائيندي هارين، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي حقن لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. اڳواڻن چيو ته اڄ جڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياهن جي حقن تي وار ٿي رهيو آهي، تڏهن غلام رسول سهتو جهڙن ڪردارَن جي واٽ تي هلڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ هارين کان زمينون کسڻ جي سازش آهي. هنن چيو ته غلام رسول سهتو پنهنجي فڪر، قرباني ۽ اصولن لاءِ پنهنجي زمين کپائي، نوڪري ڇڏي ۽ صحافت ذريعي هارين جي آواز بڻيو. سندس جدوجهد جو مرڪز ۽ محور هميشه سنڌ رهي. اڳواڻن زور ڀريو ته غلام رسول سهتو جي فڪر ۽ ڪم تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري، نئين نسل تائين سندس فڪر پهچايو وڃي.