سنڌين جي انڪساري ، وفاداري ۽ مهمان نوازي جڳ مشهور آهي. تاريخ جا ورق کولي ڏسبا ته سنڌي ماڻهن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ هر ڏکي وقت ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آھي. انهن هميشه مصيبت ۾ ڦاٿل ماروئڙن ۽ مسافرن جي دل کولي خدمت ڪئي آھي.
تازو ئي ٻٻرلوءِ ۾ سنڌو جي وڪيلن پاران سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي ٺهندڙ ڇهن ڪينالن خلاف لڳايل ڌرڻي ۾ اتان جي آس پاس جي رهواسين انهن جوڌن جوانن جي دل کولي مهمان نوازي ڪئي. جنهن سان سنڌ جي مهمان نوازي جي هڪ نئين تاريخ لکجي رهي آھي. پهرين ئي ڏينهن جڏهن سنڌو جي وڪيلن خيما کوڙيا ته ٻٻر لوءِ ۽ آس پاس جي ماڻهن دل کولي آجيان ڪئي ۽ جاني ، مالي مدد ڪرڻ لاءَ انهن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملايو. ڪن پنهنجي اوطاقن جا دروازا کولي ڇڏيا ته ڪن پنهنجا گهر خالي ڪري آيل مهمانن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ته ڪن پاڻي ۽ شربت جي بوتلن جا ڍڳ پهچايا، ڪن گرمي کان بچڻ لاءِ کين هٿ جا ونڃڻا پيش ڪيا ته ڪن ٿڌي پاڻي سان گڏ ديڳيون پهچايون ته جيئن سنڌو درياءَ جي وڪالت ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي. ڪجهه ماڻهن ته ان منظر کي اربعين سان هڪجهڙائي ڏيکاري ڇو جو اتي به ويندڙ زائرين لاءِ ائين ئي اتان جا ماڻهو کين ڏيندا آهن
هي ڪو پهريون ڀيرو نه آھي جو سنڌي ماڻهن ايڏي مهمان نوازي ڏيکاري رهيا آھن. سنڌ جي ماڻهن جي اها پراڻي ريت آھي. پر هن ڀيري سنڌي ماڻهو مهمان نوازي ۾ اڳي کان وڌيڪ پرجوش نظر اچي رهيا آھن ڇو ته اتي لڳايل ڌرڻو وڪيلن جي پگهار يا الائونس وڌائڻ لاءِ نه پر سنڌو درياءَ جي بچاءَ لاءِ لڳايل آھي ۽ سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهھ کان خوب واقف آھن ته کين جو وجود سڌو درياءَ سان لاڳاپيل آھي سنڌو وهندو ته سنڌو به هوندا. تنهنڪري هو هر ممڪن ڪوشش ڪري رهصا آھن ته جن جدوجهد کي ڪامياب ڪرائجي.
ٻئي پاسي ، ڪجهه سال اڳ سڄي دنيا ڏٺو ته ڪوھ مري ۾ تمام گهڻي برف جي ڪري اتان جا رستا بند ٿي ويا هئا ۽ هزارين ماڻهون پنهنجي ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڦاسي پيا ۽ پوءِ پاڻ کي ملڪ جو والي ۽ سلجهيل قوم سڏائيندڙن ڪيئن نه انهن ڦاٿل ماڻهن جي مجبوري جو فائدو ورتو. انهن پنجاھ روپيا واري پاڻي جي بوتل پنج سئو ۽ ٽيھه روپين وارو آنو ٽي سئو روپين ۾ وڪرو ڪيو. نه صرف اهو پر انهن گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ لاءِ به هزارين روپيا ماڻهن کان وصول ڪيا. اهو هڪ واضع فرق آھي سنڌ جي عوام ۾ ۽ ملڪ جي سلجهيل هئڻ جي داعوا ڪندڙن ۾ .
هن ڌرڻي ۾ اهو به ڏٺو ويو ته ماڻهن نه صرف ڌرڻي وارن جي سار سنڀال پئي لڌي پر اتي ڦاٿل مسافرن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن جي پڻ خدمت ڪئي جنهن سان انهن ڊرائيورن پڻ هن ڌرڻي جا حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. اڃان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها ڏٺي وئي ته ڪروڙين روپين جي ماليت جون شاندار ڪوچون، ڪوئلي، تيل ۽ ٻين معدنيات سان ڀريل ٽرڪون ۽ ٽرالر بيٺل هيا پر ڪنهن هڪ کي به ڪا رهنڊ ڪونه آئي. نه ڪنهن جو شيشو ڀڳو نه ڪنهن جو ٽائر ڦاٽو. اهو هڪ پر امن سنڌي قوم جو قابل تعريف عمل آھي نه ته عام طور تي اهڙي پيدا ٿيل صورتحال ۾ تمام گهڻي چوري. ڦر لٽ ۽ توڙ ڦوڙ عام ٿيندي رهندي آھي. پر هي ڌرڻو تمام گهڻو پر امن رهيو آھي. ان ڳالھ تي به عوام کي فخر آھي.
هن ڌرڻي ۾ اهو به ڏٺو ويو ته ماڻهن نه صرف ڌرڻي وارن جي سار سنڀال پئي لڌي پر اتي ڦاٿل مسافرن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن جي پڻ خدمت ڪئي جنهن سان انهن ڊرائيورن پڻ هن ڌرڻي جا حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. اڃان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها ڏٺي وئي ته ڪروڙين روپين جي ماليت جون شاندار ڪوچون، ڪوئلي، تيل ۽ ٻين معدنيات سان ڀريل ٽرڪون ۽ ٽرالر بيٺل هيا پر ڪنهن هڪ کي به ڪا رهنڊ ڪونه آئي. نه ڪنهن جو شيشو ڀڳو