بي نظير انڪم سپورٽ پروگار جي قسط شروع ٿيندي ئي سنڌ جي ٻين علائقن جيان ملير ۾ پڻ ڊوائيز ھولڊرن سندرا ڇڪي ورتا ۽ مختلف سينٽرن تان علائقي واسين ۽ مستحق عورتن پاران شڪايتن جا انڀار لڳڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن تان اھي شڪايتون واضع اچي رھيون آھن ته سينٽرن تي ھڪ ٻن ڊوائيز ھولڊرن کان سواءِ باقي ڊوائيز ھولڊر ڪم ڪرڻ کان نابري واري ويٺا انھي جي مين وجھ اھا سامھون آئي آھي ته ڊوائيز ھولڊر پنھنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ پنھنجي ايجنٽن جي معرفت انھن غريب مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ پنھنجو گرائونڊ ٺاھڻ لاءِسرگرم عمل آھن اھو سمورو عمل سينٽر تي موجود ذميوار عملي جي ڪمزور پاليسي يا ملي ڀڳت جو چٽو عمل آھي جنھن جي ڪري ئي ڊوائيز ھولڊر پنھنجي من ماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪري عوام ۽ مستحق عورتن جي اکين ۾ دوڙ وجھيرھيا آھن
آئون جڏھن پھرين ڏينھن ملير جي يوسي غريب آباد جي علائقي رمضان لاسي ڳوٺ ڪميونٽي سينٽر ۾ قائم بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي پھتس ته مونکي اتي ڪافي عجيب وغريب ماحول نظر آيو ڪميونٽي سينٽر ۾ لڳل ٽينٽ ھيٺان ۽ آس پاس ھر طرف عورتن جا ميڙ ڪن جي ڪڇن ۾ معصوم ٻارڙا ڪي ويچاريون ڪراڙيون پنھنجي جوان نياڻين سان گڏ ھيڏانھن ھوڏانھن ڊڪندي نظر آيون جنھن بعد سينٽر جي اندر موجود ڊوائيز ھولڊرن جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ اندر پھتس ته تقريبن پندرنھن کان وڌيڪ ڊوائيز ھولڊر موجود ھئا جيڪي ھيڏانھن ھوڏانھن ڍڪي رھيا ھئا اھو تقريبن ٻارھين وڳي جو ٽائم ھيو ان وقت تائين صبح جو سوير کان ويٺل عورتن مان ڪنھن ھڪ کي به رقم نه ڏني ويئي ھئي صرف اھو ڪم پئي ھليو ته ڪنھن جا پئسا آيا آھن ڪنھن جا ناھن آيا تقريبن ساڍي ٻارھين ھڪ بجي کان پوءِ ٻن کان ٽن ڊوائيز ھولڊرن پئسا ڏيڻ شروع ڪيا جيڪي وقتن به وقتن شام پنج بجي تائين جاري رھيو ساڳئي صورتحال ٻئي ڏينھن به جاري رھي
ٻئي ڏينھن جڏھن رمضان لاسي ڳوٺ جي ڪميونٽي سينٽر ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي سينٽر تي پھتاسين ته پھرين ڏينھن کان وڌيڪ رش نظر آھي ۽ تقريبن ٻارھين بجي کان پوءِ گذريل ڏينھن واري طريقي مطابق قسط ورهائڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران شديد بدنظمي، غير ذميواري ۽ ڊوائيس هولڊرن جي من ماني عروج تي نظر آئي جنھن سبب عورتن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو ھو رش سبب عورتون ھڪ ٻئي کي ڌڪينديون لتاڙينديون رھيون ۽ منجھن ڪو به وڏ ننڍائي جو احساس نه ھو ان حد تائين جو پيرسن معذور ۽ پيٽ وارين عورتن جو به ڪنھن کي ڪو احساس نه پئي ٿيو ھر ڪنھن کي پنھنجي واري اچڻ جي جلدي ھئي جنھن سان ڪو وڏو سانحو پڻ پيش اچي پئي سگھيو اسان مان ھرڪو سرڪار تي الزام تراشيون ڪندو رھندو آھي پر اڄ مون محسوس ڪيو ته ڪٿي ڪٿي اسان پاڻ به غلط آھيون حڪومت جي سماجي تحفظ واري منصوبي تحت بي آءِ ايس پي جي قسطون ورهائڻ لاءِ مقرر ڪيل مرڪز تي سرڪار پاران مستحق عورتن کي مالي سپورٽ ۽ کين پريشانين کان بچائڻ لاءِ بھتر اپاء وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي پر انھن سينٽرن تي موجود عملو ۽ ڊوائيز ھولڊر جيڪي صبح جي وقت وڏي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ انھن مان ھر سينٽر تي ڏهه کان ٻارنھن ڊوائيس هولڊرن جي حاضري لڳائي ويندي آھي ۽ انھن کي انھي سينٽر تي ويھي انھن مستحق عورتن کي باعزت طريقي ۽ بنا ڪٽوتي جي انھن جي آيل رقم ڏيارڻي ھوندي آھي پر ھتي موجود عملو ۽ ڊوائيس ھولڊر عورتن ۽ نياڻين ايتري قدر جوبزرگ عورتن جو احترام ڪرڻ بجائي پاڻ کي بي تاج بادشاھ سمجھي پنھنجي مرضي ۽ من ماني ڪندي مستحق عورتن کي سينٽرن تي دربدر ۽ پريشان ڪري ڪچھرين ۽ موبائل فونن تي گپ شپ ڪرڻ ۾ مصروف نظر آيا ۽ عملي طور تي رڳو ٻه کان ٽي ڊوائيس هولڊر اھڙا ھئا جيڪي مسلسل پنھنجو ڪم ڪري رھيا باقي ڊوائيس هولڊر ڪيش نه هجڻ ۽ سسٽم جي خرابي سميت ٻين بهانن ذريعي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ کان پاسو ڪندا رهيا، جنهن سبب سينٽر تي شديد بدنظمي پيدا ٿي ۽ قسط وٺڻ لاءِ آيل عورتن جون قطارون لڳي ويون.انھيءَ صورتحال ۾ جيڪڏھن ھتي عورتن جي وڌندڙ پيھه ۽ رش سبب جيڪڏھن ڪو سانعو پيش اچي وڃي ته ڇا انھي جو ذميواراسان انھن ڊوائيز ھولڊرن کي قرار ڏيون جيڪي پنھنجي ڪم ۾ ڪٽوتي زريعي چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪن ٿا يا انھن عورتن کي جيڪي پنھنجي جلدبازي جي چڪر ۾ آس پاس معذور بزرگ بيمار عورت جي پرواھ ڪرڻ بنا پنھنجو ڪم سڌو ڪرڻ جي چڪر ۾ ھجن ٿيون يا ان انتظاميا کي ذميوار قرار ڏجي جيڪو پنھنجي ماتعت ڊوائيز ھولڊرن کان ڪم وٺڻ بجائي مختلف بھانن سان ويھاري ويٺا ٿا ھجن جنھن مان يا ته سندن لاچاري ۽ بي وسي ظاھر ٿي ٿئي يا سندن ملي ڀڳت بھرحال اھو وقت ٻڌائيندو.
انھيءَ سلسلي ۾ جڏھن BISP سينٽر تي تي صبح کان موجود سوين عورتن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ته انھن مان اڪثر عورتون اھي ھيون جيڪي شھر جي مختلف علائقن ۾ بنگلن ۽ فليٽن ۾ ڪم ڪار ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿيون انھن جو چوڻ ھيو ته اسان مسلسل ٻه ڏينھن پنھنجن ڪمن تان موڪل ڪري انھيءَ اميد سان ھتي آيون آھيون ته اسان کي ھن قھر جھڙي مھنگائي ۾ ڪجهه سھارو ملي پوندو ۽ ڪجهه ڏينھن سڪون سان گذارينداسين پر ھتي ٻن ڏينھن کان دربدر آھيون رڳو اھو ٻڌايو پيو وڃي ته توھان جا پئسا آيا آھن پر پئسا ڏيڻ لاءِ صرف ھڪ کان ٻه ماڻھو آھن ۽ ھتي موجود عورتون سون جي تعداد ۾ موجود آھن ھنن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته حڪومت ته اسان لاءِ بھتر سوچي ٿي پر ھتي موجود اڪثر ڊوائيز وارا ھتي پئسا ورھائڻ بجائي پنھنجن ايجنٽن جي معرفت ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ اھڙا بھانا ڪن ٿا جنھن سبب اسان جا ڪم ڪار به ڪافي متاثر ٿين ٿا ۽ مجبورن اسان ھنن کي 1500 کان 2000روپيا سينٽر کان ٻاھر ڪٽوتي ڪرائي پئسا وٺڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿيون جڏھن ته ڪجهه عورتن جو اھو چوڻ هوته اسان سخت گرمي ۾ پنهنجا ننڍا ٻار گھرڇڏي صبح کان ھتي دربدر آھيون ته جيئن اسانجي ڪجههه مالي سهائتا ٿئي پر ڪاھ کان ھتي بيٺل آهيون ۽ مسلسلدربدر آھيون، پر سينٽر تي بيهڻ باوجود کين عزت سان سهولت نه ملي رهي آهي. "اچڻ جو مقصد پئسا وٺڻ آهي، پر هتي نه ڪو سسٽم آهي، نه سهولت، نه ئي ڪو ذميدار ماڻهو آھي جيڪو اسان جي دانهن ٻڌي”، هڪ متاثر عورت صحافين جي پهچڻ تي پنهنجي تڪليفن جو اظهار ڪندي چيو ته ڊوائيس هولڊر سميت انتظاميا جو غير ذميواراڻو رويو بي آءِ ايس پي جي نيت ۽ مقصد تي ۽سوال اٿاري ٿو. "هتي ڊوائيس هولڊر بيهڻ بجاءِ ڇانوَ ۾ ويهي ڪچهريون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان خت گرمي ۾ بک تي بيٺل آھيون سڙي رهيون آهيون صرف انھي ڪري جو ھتي موجود مقامي نوجوان ھنن کي ڪٽوتي ڪرڻ نه ٿا ڏين اتي موجود علائقي جي سماجي اڳواڻن ۽ رضاڪار نوجوانن جو چوڻ آهي ته "مرڪز تي ٻه ڏينهن اڳ ڪم شروع ٿيو، پر اڃا تائين ڪو به منظم سسٽم نظر نٿو اچي. عورتن جا پئسا ته مرڪز تي موجود آهن، پر ڊوائيس هولڊر پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.”اها صورتحال نه صرف انتظامي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿي، پر ان مان اهو به واضع ٿئي ٿو ته مستحق عورتن لاءِ بي آءِ ايس پي جهڙي اهم اسڪيم به اذيت جو سبب بڻجي رهي آهي.انھي جي وجھ صرف اھا آھي جو ھتي ھنن کي ڪرپشن جو ڪو به آثار نظر نٿو اچي جنھن سبب ھي بھانا بڻائي ھتي عورتن کي دربدر ۽ پريشان ڪن ٿا ته جيئن اھي مجبورن تنگ ٿي پنھنجن ايجنٽن جي معرفت سينٽر کان ٻاھر ساڻن رابطو ڪن ۽ 1500 کان 2000 ڪٽوتي ڪرائي پنھنجي رقم وصول ڪن