انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ بنا ٽي وي چينل هلائيندڙ فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان

فن لينڊ جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايڇ ايم ڊي ۽ ڀارتي موبائل ڪمپني لاوا مستقبل ۾ اهڙا سمارٽ فون پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن تي ٽي وي چينلز به هلائي سگهبا.
ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب ممبئي ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس دوران ٻنهي ڪمپنين اهو اعلان ڪيو ته هو جلد اهڙا فون مارڪيٽ ۾ آڻيندا، جيڪي ٽي وي چينلز هلائڻ جي صلاحيت رکندا.
ڪمپنين موجب انهن جا سمارٽ فيچر فونز اهڙي ٽيڪنالاجي سان ليس هوندا، جيڪي الٽرا هاءِ فريڪوئنسي (UHF) کي پڪڙڻ جي صلاحيت رکندا، جنهن ذريعي ٽي وي چينلز ڏسي سگهبا.
ڪمپنين چيو ته انهن جا فون ڊائريڪٽ ٽو موبائل (D2M) نالي ٽيڪنالاجي سان ليس هوندا، جنهن سان فونز انٽرنيٽ، واءِ فاءِ، ايتري تائين جو موبائل سگنل نه هجڻ جي صورت ۾ به ٽيليويزن نشريات ڏيکاري سگهندا.
ڪمپنين جو چوڻ هو ته انهن جا سمارٽ فونز مني ٽي وي سيٽ سميت ڪمپيوٽر ۽ موبائل جو ڪم ڏيندا ۽ ماڻهو هلندي ڦرندي ڪنهن به هنڌ ۽ ڪنهن به وقت پنهنجا پسنديده ٽي وي چينلز بغير انٽرنيٽ جي ڏسي سگهندا.
ڪمپنين اها وضاحت نه ڪئي آهي ته اهي فون ڪيستائين مارڪيٽ ۾ دستياب هوندا ۽ امڪان آهي ته انهن فونز کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه سال لڳي سگهن ٿا.
ٻنهي ڪمپنين طرفان ٽيليويزن نشريات هلائيندڙ فونز متعارف ڪرائڻ جي اعلان کانپوءِ امڪان آهي ته ٻيون ڪمپنيون به اهڙي ٽيڪنالاجي سان ليس فونز مارڪيٽ ۾ آڻينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.