ڪر اچي (رپورٽر) سنڌو درياھ بچايو تحريڪ پاران 11 مئي تي ڪراچي ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هڪ وڏي عوامي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. جلسي جو اعلان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي ميزباني هيٺ عادل هائوس ڪراچي ۾ ٿيلاجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌو درياءِ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه ڪئي.اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي، صفدر عباسي، حسنين مرزا، سردار رحيم، راحيلا مگسي، حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر مسرور سيال، راجا اظهر، جماعت اسلامي جي محمد يوسف، مجاهد چنا، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو،عوامي جمهوري پارٽي جي پرويز ابڙو، حريف چانڊيو،قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، فرحان لاڙڪ، ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي مسرور جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.اجلاس ۾ زور ڀريو ويو ته سنڌ جي عوام جي مضبوط جدوجهد جي نتيجي ۾ درياءُ سنڌ تي نون ڪينالن جو تقراري منصوبو عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌ واسين جي وڏي ڪاميابي آهياجلاس دوران سي سي آءِ (گڏيل مفادن واري ڪائونسل) پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو ۽ سنڌ جي حقن جي جنگ جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.ا
جلاس ۾ چيو ته سي سي آءِ آئين جي آرٽيڪل 155(2) جي ڀڃڪڙي ڪندي درياءُ سنڌ تي تڪراري ڪينالن جو فيصلو ڪري انهن کي بيوروڪريسي جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سان ڪنهن به وقت ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي حملو ٿي سگهي ٿو.اجلاس ۾ سنڌ واسين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن خوف جون زنجيرون ٽوڙي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو.اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ تحت پرڏيهي ڪمپنين کي ڏني ويئي زرعي زمين فوراً رد ڪئي وڃي.