ڪراچي (رپورٽر )آبپاشي کاتي گهوٽڪي ۾ پلن جي تعمير،شاخن جي بحالي سميت مرمت ۽ سارسنڀال جي ڪمن مڪمل ڪرائڻ بدران ڪاغذن ۾ خرچ ڏيکارڻ واري خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا پريتم داس نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي شبير احمد ڀٽو جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز عبدالحق لاکو محمد صديق پڻ ميمبر آهن. جاچ ڪاميٽي ايگزيڪيوٽو انجنيئرگهوٽڪي طارق محمود کان مرمت ۽ سارسنڀال جي مد ۾ خرچ ڪيل 12 ڪروڙ رقم جي جاچ ڪري رپورٽ 7 ڏينهن جي اندر جمع فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايگزيڪيوٽوانجنيئر گهوٽڪي ڊويزن پاران ايم اينڊ آر فنڊز ۾ خرد برد الزامن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل مالي رڪارڊز خرچ جي رپورٽن ۽ پراجيڪٽ جي دستاويزن تائين پهچ رسائي ٿيڻ گهرجي جيئن بي قاعدگي جاچ ٿي سگهي ۽ نتيجي جي بنياد تي اهڙو قدم کنيو وڃي ته جيئن اڳتي اهڙو ڪو عمل نه ٿي سگهي.