گمبٽ (رپورٽ:تاج محمد مھر) گمبٽ مان 3 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل ٻن قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪننجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب گمبٽ مان 3 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن اعجاز ڦلپوٽو ۽ غلام عباس چانديون جي آزادي لاء جسقم مرڪزي وائيس چيئرمين امجد مهيسر، اصغر ڪورائي، وسيم کهڙو، ذاڪر عالماڻي ۽ ٻين قومپرست ڌرين پاران پريس ڪلب گمبٽ کان قومي شاهراه تائين ريلي، قومي شاھراھ تي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون. اڳواڻن چيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن تي ڪي به ڪيس داخل نه آهن، پوليس ڀوتارن جي ونگار وهندي بنا جواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو آهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو. ويندو.