اسلام آباد(م ڊ) ڀارتي فضائيه جي 4 رافيل جهازن پاران گذريل رات والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گشت ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سرڪاري نشرياتي اداري ’پي ٽي وي نيوز‘ جي مطابق، دشمن جي رافيل جهازن 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گشت ڪئي، جنهن کي پاڪستاني فضائيه جي جهازن فوراً سڃاڻي ورتو، پاڪ فضائيه جي بروقت ردعمل جي نتيجي ۾ ڀارتي رافيل جهاز وائڙاپ جو شڪار ٿي ويا ۽ اتان ڀڄي ويا، سيڪيورٽي ذريعن موجب 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن تي پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارت ايل او سي تي ڪيانِي ۽ منڊل سيڪٽرن ۾ بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ ڪئي، جيڪا 29 ۽ 30 اپريل جي رات دوران ٿي، هلڪي هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن کي سخت جواب ڏنو ۽ ڀارتي فائرنگ کي بند ڪرائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج جي مؤثر جواب سان دشمن جا ڪيترائي مورچا تباهه ٿي ويا، والاريل ڪشمير ۾ ايل او سي تي ڀارتي چڪپترا پوسٽ کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي سرحدي علائقن کي خالي ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته مسلمانن خلاف ڀارت ۾ ڪريڪ ڊائون به جاري آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارت جي اها اشتعال انگيزي ان جي جنگي جنون جي عڪاسي ڪري ٿي، پر پاڪ فوج ملڪ جي سالميت جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، ايل او سي تي جاري ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز (ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز) جي وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطو ٿيو، ٻنهي ملڪن جي عسڪري عملدارن لائين آف ڪنٽرول تي ڀڃڪڙين جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون،