ڀارت شروعات ڪئي تھ جنگ جاري رکڻ اسان جي ھٿ ۾ ھوندو: پاڪ فوج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته ڀارتي الزامن جي پويان ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ سياسي مفاد آھن. هن چيو ته پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت فوجي ٽڪراءُ جي راهه اختيار ڪري ٿو ته پوءِ اڳتي وارو فيصلو پاڪستان جي هٿ ۾ هوندو. پهلگام واقعي بابت، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو واقعو لائن آف ڪنٽرول کان 230 ڪلوميٽر پري ٿيو، ۽ ڀارتي بيانئي جو ڪوبه منطقي بنياد ناهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت طرفان الزام چند منٽن اندر لڳائڻ، فالس فليگ آپريشن جو ثبوت آهي. انهن واقعن کي استعمال ڪري ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ چاهي ٿو. انٽيليجنس شواهد بابت، ترجمان چيو ته ڀارتي اڪائونٽن اڳ ۾ حملي جو وقت۽هنڌ ٻڌائين ٿا، پوءِ ساڳيا اڪائونٽس الزام پاڪستان تي وجهندا آهن. جعلي مقابلا، قيد پاڪستانين جي استعمال، ۽ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جا واضع ثبوت آهن. بلوچستان ۽ ڪشمير بابت، هن چيو ته ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، خاص طور تي بلوچستان ۾. ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم وڌي ويو آهي، ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، ۽ ڀارت اندروني ناڪامين کي لڪايو پيو وڃي. انگن اکرن موجب موجب، صرف جنوري 2024 کان اپريل 2025 تائين 77,816 آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 1666 دهشتگرد ماريا ويا. ڀارتي شهري خود ڀارتي حڪومت، فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي تي سوال اٿاريا. ڪيترن ويڊيو ڪلپس ۾ ڀارتي انتهاپسندن جي مسلمانن تي تشدد جي منظرن کي به ڏيکاريو ويو.  ان موقعي  پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم  اسحاق ڊار پهلگام معاملي تي عالمي برادري کان 6 سوال ڪيا آهن..پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارتي قدمن تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سوال ڪيا. هن پڇيو ڇا هي وقت ناهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڀارت طرفان شهرين جي قتل جو احتساب ڪيو وڃي؟ ڇا اهو اهم ناهي ته پهلگام ۾ متاثر خاندانن سان همدردي ۽ ڀارت جي جارحيت ۾ فرق ڪيو وڃي؟

ڇا ائين ناهي ته ڀارت هڪ ملڪ تي فوجي حملي لاءِ پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي؟ اسحاق ڊار چيو ته ڇا ڀارت طرفان عالمي قانونن جو احترام نه ڪرڻ سان خطي جي صورتحال خراب نه ٿيندي؟ ڇا هي وقت ناهي ته عالمي برادري مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا تي ڀارت جي مذمت ڪري؟ ڇا اسان آگاهه آهيون ته ڀارت جي جارحاڻي سوچ سان خطي ۾ ايٽمي طاقتن جو ٽڪراءُ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.