اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪيو، جنهن تي وزيراعظم کيس خطي جي صورتحال ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت آگاهي ڏني، وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارتي رويو ڳڻتي جوڳو آهي، پهلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ واري ڀارتي ڪوشش کي رد ڪريون ٿا، آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻنهي ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو ضرورت تي زور ڀريو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پهلگام واقعي جي اعتماد جوڳي ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جو مطالبو ڪيو.