اي وقت جي حڪومت، ڪيڏو نه ظلم آھي
مزدور جي ھي اجرت ، ڪيڏو نه ظلم آھي
مزدور حسب سابق مسواڙ تي رھي ٿو
اي صاحب عدالت، ڪيڏو نه ظلم آھي
غربت آ رھندي آئي ، پر ايتري ڪٿي ھئي
ذلت آ اڄ جي غربت ، ڪيڏو نه ظلم آھي
مزدور جو ڪفن ڀي اوڌر تي آھي ايندو
ڪيڏي نه آ ندامت ، ڪيڏو نه ظلم آھي
پورھيت ٻچا کپائي ، راشن خريد ڪن ٿا
ھي آ فلاحي رياست، ڪيڏو نه ظلم آھي
اڄ ڀي الاھي پورھيت، فٽ پات تي سمھن ٿا
رکي دل ۾ گھر جي حسرت، ڪيڏو نه ظلم آھي
مزدور تنھنجي محنت، وڃي چنڊ تائين پھتي
سڌري نه تنھنجي قسمت، ڪيڏو نه ظلم آھي