پاڪستان خلاف ڪارروائي کان انڪاري ڀارتي ڪمانڊر کي هٽايو ويو

نئين دهلي(م ڊ) مودي سرڪار پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ پاڪستان خلاف فوري ڪارروائي کان انڪار ڪندڙ ڀارتيليفٽننٽ جنرل ايم وي ايس چندر ڪمار کي ناردرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب، پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ مودي سرڪار پاڪستان خلاف عسڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو، پر جنرل ايم وي ايس ڪمار جنگي مهم جوئي کان پاسو ڪندي احتياطي پاليسي اختيار ڪئي، ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي انتهاپسندن مودي سرڪار تي شديد دٻاءُ وڌايو، جنهن کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم جنرل ڪمار کي عهدي تان هٽائي، سندس جاءِ تي ليفٽننٽ جنرل پراتڪ شرما کي ناردرن ڪمانڊ جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو پهرين مئي تي عهدي جو چارج سنڀاليندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.