لاهور(م ڊ) ڀارت طرفان ويزا رد ڪرڻ بعد پاڪستانين کي واپسي وقت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن پاڪستاني شهري وطن واپس موٽيا ته انهن کي نه رڳو ڏکيائن پر هراسان ڪرڻ کي به منهن ڏيئڻو پئجي ويو آهي، پاڪستاني هاءِ ڪمشن جو عملو اٽاري بارڊر تي پهتو ته ڀارتي عملو انهن جا پاسپورٽ وٺي ويو، عملدارن ٻڌايو ته ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي ۾ ڀارتي ميڊيا پاڪستاني عملو سان بدتميزي به ڪئي، جيڪا نه رڳو سفارتي آداب جي ڀڃڪڙي آهي، پر هڪ غيراخلاقي رويو به آهي.
ڀارت سائبر دهشتگردي تي لھي آيو
اسلام آباد(م ڊ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سازشي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي سائبر دهشتگردي تي لھي آيو آهي، جنهن پاڪستان جي مختلف وفاقي وزارتن تي منظم سائبر حملن جي ڪوشش ڪئي آهي، آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزہ فاطمه انهن حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته دشمنجي اها ڪارروائي ناڪام بڻائي وئي آهي، سائبر حملن سبب ڪو وڏو نقصان نه ٿيو آهي، ۽ نه ئي انهن جو پاڪستان جي ٽيليڪام نظام تي ڪو اثر پيو آهي، هن ٻڌايو ته وفاقي وزارتن جون ويب سائيٽون نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (NTC) تي ميزباني هيٺ هلن ٿيون، جتي سائبر سيڪيورٽي جو مضبوط نظام موجود آهي.
ڀارت مان پاڪستاني سفارتڪارن ۽ عملي جو پهريون 30 رڪني گروپ ڏيهه پهچي ويو
اسلام آباد(م ڊ) ڀارت مان پاڪستاني سفارتڪارن ۽ عملدارن جو پهريون گروپ، جيڪو 30 ماڻهن تي مشتمل آهي، پاڪستان واپس پهچي ويو آهي، ان گروپ ۾ پاڪستاني سفارتڪار ۽ انهن جا خاندان شامل آهن، پاڪستان پنهنجي هاءِ ڪمشن ۾ عملي جو تعداد 55 مان گھٽائي 30 تائين ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي سفارتڪار ۽ عملو هاڻي مستقل طور تي وطن واپس اچي چڪو آهي، اهو به اهم آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سفارتي سطح تي هي پهريون دفعو آهي جو ٻنهي ملڪن طرفان سفارتڪارن جو تعداد مقرر ڪري اهڙي انداز سان قدم کنيو ويو آهي، جيڪو سفارتي لاڳاپن ۾ هڪ نئين تبديلي جي نشاندهي ڪري ٿو.