مٺي(ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي،ھن چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي مسئلي تي گهڻو ڪري سمورين سياسي ڌرين پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان ۽ خاص طور تي سنڌياڻي تحريڪ، وڪيلن، اديبن، شاعرن، استادن، هارين ۽ مزدورن جنهن مثالي جذبي ۽ نظم و ضبط سان ڪروڙن جي تعداد ۾ هن جدوجهد ۾ شريڪ ٿي ان کي اهڙي قوت بخشي جنهن جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيون، ان لاءِ عوامي تحريڪ قوم کي مبارڪباد ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ حڪمرانن طرفان ڪنهن به وقت ڪنهن به قسم جي چالاڪي يا هيراڦيري ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن جيڪي ڪنهن حد تائين سي سي آءِ طرفان پڌرو ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ نظر اچن ٿا. تنهنڪري عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته هي جدوجهد ختم نه ٿي آهي، اسان کي پرامن طريقي سان نون طريقن ۽ ڍنگن سان ان کي جاري رکڻو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلوء ۾ ڌرڻو جاري رکندڙ وڪيل ساٿين کي اسين جس ٿا ڏيون، وڪيل ساٿي جيڪو به فيصلو ڪندا سنڌي قوم سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي، ان سان گڏ سنڌ حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت پهريان 52713 ايڪڙ سنڌ جي زمين ڪمپني کي ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڳالهيون پوءِ ڪجن. ٻٻرلوء ڌرڻي جي وڪيل ساٿين سان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ توڙ تائين نڀائيندي،ھن چيو تھ ايس آءِ ايف سي جهڙو جمهوريت دشمن ادارو فوري طور ختم ڪري جمهوريت بحال ڪئي وڃي،ڪئنالن جو معاملو هاڻ اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي چڪو آهي، سي سي آءِ جي فيصلي ۾ ڪٿي به رد ڪرڻ يا منسوخ ڪرڻ جو لفظ استعمال ناهي ڪيو ويو. ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي به ختم ڪرڻ تائين جدوجهد ڪبي. پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ديال صحرائي، ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، اي بي چارو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.