ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناليواري تجزئي نگار نصير ميمڻ چيو آھي تھ في الحال ڪئنال ٺھندي نظر نھ پيا اچن،ھن وقت سنڌ ۾ مزاحمتي صورتحال سبب حڪومت ڪئنال ٺاھي نٿي سگھي پر اڳتي ھلي ٿي سگھي ٿو تھ اھڙو وڏو وزير ملي وڃي جيڪو ان معاملي تي اتفاق راءِ ڪري وٺي،ڊان نيوز سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ 1991ع جي پاڻي معاھدي تي تڏھن سنڌ ۾ شديد مخالفت ٿي ھئي پر ڄام صادق بھ ان وقت مڙھيل وڏو وزيرھو جنھن اھو معاھدو ڪرايو ھو،ھن چيو تھ ڪئنال ٺھڻ لاءِ دري اڃا بھ کليل آھي ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي پنج ڏھن سالن ۾ ان تي ڪم ٿئي،ڪئنال معاملي تي صدر زرداري تي ٿيندڙ تنقيد بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ صدر زرداري جي صدارت ۾ اجلاس جي جاري ڪيل منٽس آف ميٽنگ تي سنڌ حڪومت تمام دير سان تشريح ڪئي،ھاڻي پ پ ان جو سياسي ڪريڊٽ بھ کڻندي ۽ ٿيل سياسي نقصان جو ازالو بھ ڪرڻ چاھيندي،عوام جي شديد مزاحمت کانپوءِ پ پ پٺتي ھٽڻ تي مجبور ٿي آھي،وڪيلن جي احتجاج جي ڪري سي سي آءِ جو وقت کان اڳ اجلاس گھرائي ڪئنال ملتوي ڪيا ويا،انھن کي يقينن ڪريڊٽ وڃي ٿو.