ڪارپوريٽ فارمنگ ڪئنالن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران سنڌوءَ مٿان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا کي في الحال عارضي طور تي ملتوي ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون طاقتور ڌُرين حوالي ڪرڻ واري منصوبي کي قائم رکڻ جي اعلان کي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر بيوقوف بڻائڻ ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جونقيمتي زرعي زمينون طاقتور ڌُرين حوالي ڪرڻ  بدران مقامي بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. ڇاڪاڻ تھ ڪارپوريٽ فارمنگ  جي نالي تي سنڌ جون زمينون کسڻ واري سازش ڪئنالن کان به وڌيڪ خطرناڪ  ۽ مڪمل طور تي” زرعي دهشتگردي“ آهي. ڪئنال منصوبو مڪمل طور تي رد ناھي ٿيو بلڪه IRSA جو سرٽيفڪيٽ واپس ٿيو آھي جيڪو وريءَ ڪنهن مهل به جاري ڪري سگهن ٿا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پنھنجي وڊيو ۾ بيان ۾ چيو آهي ته اسان "اتفاقِ راءِ” واري لفظ مان مُطمئن ناھيون، جڏھن پاڻي ئي ناھي تھ پوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ ڇا جي؟ ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ناهي ڪئي وئي نه ڪينال مڪمل رد ڪيا ويا آھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.