ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ جي جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سٽي ڪورٽ سميت ٻين عدالتن ۾ سهولتن جي فقدان ۽ سيڪيورٽي معاملن حوالي سان ايڊووڪيٽ اختر حسين، ضياءَ اعواڻ سميت ٻين جي درخواستن تي اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ.آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي جي ميئر سميت ٻين کي فوڪل پرسن مقررڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچي بار ۽ هاءِ ڪورٽ پنهنجو فوڪل پرسن مقرر نه ڪيو آهي، عدالت کي ايڊووڪيٽ اختر حسين يقين ڏياريو ته هي بار پنهنجي فوڪل پرسن هفتي ۾ مقررڪري ڇڏينديون، عدالت 6مئي تائين ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي سربراهي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت چيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊر 6 مئي جي اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪن.