حيدرآباد( پ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيہ سنڌي گڏيل بيان ۾ چيو آهي تہ صرف ڪئنالن جي خاتمي سان سنڌو درياھ بحال نه ٿي سگهندو. اسان درياھ جي مڪمل بحاليءَ ۽ ڊيلٽا کي ٻيهر زندگيءَ ڏانهن موٽائڻ گهرون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتو درياھن تي ڊيمن جون نيون رٿائون پڻ ختم ڪيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ معدنيات جي ڦرلٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران درياھ جي بحالي، زمينن تي قبضن جي خاتمي ۽ پيداواري ذريعن جي ڦرلٽ خلاف گڏيل جدوجهد جاري رکي ويندي. ان سلسلي ۾ سڀاڻي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.