عوام کي واڌايون، ڪئنالن جو منصوبو حل ٿي ويو: مراد شاهه

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي معاملي بابت تازن فيصلا تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم هن اهم مسئلي کي ترجيح ڏني ۽ وفاقي حڪومت سي سي آءِ (ڪائونسلآف ڪامن انٽريسٽس) جي فيصلي کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ٺاهيندي. سي سي آءِ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه واضح ڪيو ته وفاق صوبن جي مشاورت کان سواءِ پاڻي جي ڪنهن به منصوبي تي اڳتي نه وڌندو. هن ٻڌايو ته جيستائين سي سي آءِ ۾ فيصلو نه ٿئي، ڪو نئون ڪئنال تعمير نه ٿيندو، ڪئنالن بابت وڌيڪ ڪم کي به روڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت پاڻي جي استعمال جو سڀني صوبن سان گڏجي پلان ٺاهيندي، ۽ پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته گڏجاڻي جيڪا 2 مئي تي رٿيل هئي، اها 28 اپريل تي ٿي. هن شڪرگذاري جو اظهار ڪندي چيو ته اهم مسئلو سٺي نموني حل ڪيو ويو.هن چيو ته پاڻي جي تڪرارن کي فوري حل ڪيو ويندو، سي سي آءِ 7 ڪئنالن جي عبوري منظوري ۽ چولستان ڪئنال جي اجازت واپس وٺي ڇڏي. پلاننگ ڊويزن ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وئي ته اتفاق راءِ کانسواءِ منصوبا ٻيهر ڪنهن فورم تي نه آندا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان، ڪئنالن جي ڪيس کي سنڌ حڪومت آئيني طريقي سان وڙهيو. وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات دوران هو پاڻ به موجود هو. مراد علي شاهه چيو ته، مون اڳ ئي چيو هو ته ڪئنال ناهن ٺهي رهيا پر ڪجهه ماڻهن پاران غلط تاثر ڏنو ويو. ڪي بي فيڊر جي لائننگ جي ڪم کي ڪئنال جي تعمير ظاهر ڪيو ويو. ڪجهه صحافين چولستان ۾ ٽيوب ويلن جي آبادي ڏيکاري، ان کي ڪئنالن جي آبادي قرار ڏنو. وڏي وزير ٻڌايو ته اسان پنهنجي انجنيئرن کي موڪليو ۽ تصديق ڪرائي ته ڪنهن به نئين اسڪيم لاءِ رپيو به منظور نه ٿيو ته ڪئنال ڪيئن ٺهي سگهي ٿو؟ مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته، آصف علي زرداري کي 8 جولاءِ واري گڏجاڻي جي منٽس جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واضح طور تي چيو ته هو اهڙن فيصلن جي حمايت نٿو ڪري. افسوس جو سندس وضاحتن کي به نظرانداز ڪيو ويو. هن چيو ته تاريخ ۾ اڄ تائين ناهي ٿيو ته سي سي آءِ ڪو منصوبو رد ڪيو هجي، اپيل ڪريون ٿا ته ڌرڻا فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. وڏي وزير چيو ته ڌرڻن سبب ماڻهن کي تڪليف ٿي، دوائون رڪجي ويون، مال مري رهيو آهي، اسان چيو ته ماڻهن کي تڪليف نه پهچايو، هن فيصلي کانپوءِ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو، نفرتون پکيڙڻ وارا اڄ ناڪام ٿي ويا. 25 اپريل تي به وزيراعظم هائوس مان پڌرائي جاري ٿي هئي، چيو ويو ته وزيراعظم جي صحيح ڪٿي آهي، مون چيو ته ڪئنال ڇا وزيراعظم جي صحيح سان منظور ٿيو هو؟ وڏي وزير چيو ته گرين پاڪستان منصوبو زمينون آباد ڪرڻ جو آهي، ڪئنال ٺاهڻ تي ڪنهن سان ڪي ڳالهيون ناهن ٿيون، فيصلو سي سي آءِ کي ڪرڻو هو ڪنهن بينڪ يا ملڪ سان ڳالهه ناهي ٿي، اسان هي معاملو بنياد کان  ختم ڪرڻ چاهيون پيا، معذرت سان معاملو حل نه ٿيندو، وقتي طور تي ڪنهن کي تڪليف ٿي ته مان روز معذرت ڪرڻ چاهيندس. هن چيو ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي ايندڙ 50 سالن جي منصوبابندي ڪندي، ڪئنالن واپس ٿي ويا، سرٽيفڪيٽ رد ٿي ويا، هاڻي ڪو ڪئنال اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٺهندو. هن چيو ته ڊرپ ايريگيشن ذريعي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنداسين، وزيراعظم سي سي آءِ جو ٻيو اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.