سکر/خيرپور/ٻٻرلوء (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف يارهين ڏينهن به ٻٻرلوء ۾ وڪيلن جو ڌرڻو جاري، ڌرڻي ۾عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته سي سي آئي جو هنگامي اجلاس سنڌي قوم جي فتح جو پهريون ڏاڪو آهي،سي سي آئي ڪهڙو به فيصلو ڏي پر سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد جاري رکندي،هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪرڻ تائين هي جدوجهد جاري رهندي. ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو مسئلو الڳ ناهي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي به دفن ڪرڻو آهي،هن چيو ته پيپلزپارٽي ڍونگ ۽ فراڊ ڪرڻ بدران 52713 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن فوري طور واپس وٺي.